راولپنڊي- 08 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته سرحد پار کان ايندڙ دهشتگرديءَ کي رياست جي پوري طاقت سان چيڀاٽيو ويندو. هٿياربند فوج قوم جي مڪمل حمايت سان پراڪسي دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ سندن سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائيندي. اربع ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس …
سرحد پار کان ايندڙ دهشتگرديءَ کي رياست جي پوري طاقت سان چيڀاٽيو ويندو، هٿياربند فوج قوم جي مڪمل حمايت سان پراڪسي دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ سندن سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائيندي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

مزید خبریں
راولپنڊي- 08 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته سرحد پار کان ايندڙ دهشتگرديءَ کي رياست جي پوري طاقت سان چيڀاٽيو ويندو. هٿياربند فوج قوم جي مڪمل حمايت سان پراڪسي دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ سندن سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائيندي. اربع ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد جو دؤرو ڪيو، جتي هن نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي تعليم مڪمل ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو. ان ڪورس ۾ ٽنهي هٿياربند فوج جا آفيسر شريڪ هئا. پنهنجي خطاب ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جنگ جي بدلجندڙ نوعيت تي روشني وجهندي چيو ته پيچيده اسٽريٽجڪ چئلينجز سان اثرائتي انداز ۾ مُنهن ڏيڻ لاءِ واضح اسٽريٽجڪ سوچ ۽ اداره جاتي پيشيوراڻي مهارت بنيادي اهميت رکي ٿي. هن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جهڙن اعليٰ تعليمي ادارن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اهي ادارا مستقبل جي عسڪري ۽ سول قيادت کي اهڙين صلاحيتن سان تيار ڪري رهيا آهن، جيڪي هائبرڊ، روايتي ۽ ذيلي روايتي خطرن جو بصيرت، اعتماد ۽ عزم سان مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جنگ جي بدلجندڙ نوعيت موجب پنهنجي حڪمت عملي، صلاحيتن ۽ آپريشنل طريقيڪار کي نئين سر ترتيب ڏئي رهي آهي. هن چيو ته هٿياربند فوج رياستي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪندڙ انهن دشمن انٽيليجنس ايجنسين جي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن کان مڪمل طور تي آگاهه آهن. انهن دشمن ايجنسين جي سرپرستيءَ ۾ ڪم ڪندڙ نيٽ ورڪس ۽ پراڪسي ڌُرين جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿينديون ۽ کين پاڪستان جي داخلي امن ۽ معاشي خوشحاليءَ کي نقصان پهچائڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. فيلڊ مارشل ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سرحد پار کان ايندڙ دهشتگرديءَ کي رياست جي پوري طاقت سان چيڀاٽيو ويندو. هن چيو ته هٿياربند فوج قوم جي مڪمل حمايت سان ان پراڪسي دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو يقيني بڻائيندي. هن چيو ته جنگيون ميڊيا جي گوڙ يا سياسي نعرن سان نه پر ايمان، اتحاد ۽ نظم و ضبط سان کٽيون وڃن ٿيون. پنهنجي خطاب جي پڄاڻيءَ تي فيلڊ مارشل پاڪستان جي جنگي تجربو رکندڙ هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيت، بلند حوصلي ۽ مڪمل آپريشنل تياري تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. هن تعليم مڪمل ڪندڙ آفيسرن تي زور ڀريو ته هو ديانتداري، بي لوث خدمت ۽ وطن سان پُختي وابسگتي جهڙن اعليٰ قدرن کي هميشه مٿانهون رکن. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو استقبال نيشنل ڊفينس يونيورسٽيءَ جي صدر ڪيو.










