صدر آصف علي زرداري پاران ڪرغزستان ۾ عطا بيئت ميموريل ڪمپليڪس جو دورو، ڪرغز قومي هيروز ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش

بشڪيڪ - 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي دوري دوران عطا بيئت ميموريل ڪمپليڪس جو دورو ڪيو، ڪرغزستان جي قومي هيروز ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪئي ۽ ڪرغز پارليامينٽ جي اسپيڪر ماماطالييف مارلين عبدالرحمان ووچ سان ملاقات ۾ ٻطرفي پارلياماني، اقتصادي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر …

بشڪيڪ – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي دوري دوران عطا بيئت ميموريل ڪمپليڪس جو دورو ڪيو، ڪرغزستان جي قومي هيروز ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪئي ۽ ڪرغز پارليامينٽ جي اسپيڪر ماماطالييف مارلين عبدالرحمان ووچ سان ملاقات ۾ ٻطرفي پارلياماني، اقتصادي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چونگ تاش ۾ موجود عطا بيئت ميموريل ڪمپليڪس ۾ مرڪزي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ڪرغزستان جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن عطا بيئت ميموريل ميوزيم جو دورو ڪيو جتي ڪرغزستان جي آزادي جي سفر بابت تاريخي نوادرات جو مشاهدو ڪيو. هن ناليواري ڪرغز اديب چنگيز آيتماتوف جي يادگار تي پڻ حاضري ڀري. ان کان اڳ صدر آصف علي زرداري کي اسيڪ ڪول جي تمچي هوائي اڏي تي ڪرغز صدر جباروف رخصت ڪيو جڏهن ته بشڪيڪ جي مناس انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪرغز پارليامينٽ جي اسپيڪر ماماطالييف مارلين عبدالرحمان ووچ ۽ ڪرغزستان ۾ پاڪستان جي سفير التمش وزير خان سندس استقبال ڪيو. صدر آصف علي زرداري سان ڪرغزستان پارليامينٽ جي اسپيڪر پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني تعاون، ٻطرفي واپار، زميني ۽ فضائي رابطن ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل مذهبي قدرن، تاريخي رابطن، ثقافتي ويجهڙائپ ۽ گڏيل خيرسگالي تي ٻڌل آهن. هن ٻطرفي لاڳاپن جي تسلسل جي لاءِ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ قومي اسيمبلي ۾ قائم پاڪستان – ڪرغزستان پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو حوالو ڏيندي چيو ته اعلى سطح جا پارلياماني رابطا ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر ڪرغزستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 28 – 2027ع جي مدي لاءِ غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. ملاقات ۾ سرٽيفڪيشن جي طريقيڪار، شاگردن جي لاءِ پيشيواراڻي موقعن ۽ گڏيل تعاون جي ٻين شعبن ۾ اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڪرغز پارليامينٽ جي اسپيڪر صدر آصف علي زرداري جي آجيان ڪندي پاڪستان جي پراڻي دوستي کي ساراهيو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي صدر جو صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ٻنهي ملڪن جا اعلى عملدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. بعد ۾ ڪرغز پارليامينٽ جي اسپيڪر صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو.

مزید خبریں