اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ڪروشيا جو پرڏيهي ۽ يورپي معاملن وارو وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ راڊمان 9 جولاءِ 2026ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. اهو ڪنهن به ڪروشين پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ڪروشيا جي پرڏيهي …
ڪروشيا جو پرڏيهي وزير 9 جولاءِ تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ڪروشيا جو پرڏيهي ۽ يورپي معاملن وارو وزير ڊاڪٽر گورڊن گرليچ راڊمان 9 جولاءِ 2026ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. اهو ڪنهن به ڪروشين پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ ڪروشيا جي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ واپار، سيڙپڪاري، ويزا سهولت، تعليم، دفاع، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ سامونڊي تعاون سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ان کانسواءِ ٻئي پرڏيهي وزير علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. دوري دوران ڊاڪٽر گورڊن گرليچ راڊمان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سميت پاڪستان جي اعلى قيادت سان پڻ ملاقاتون ڪندو. ڪروشيا پاران ٿيندڙ هي اعلى سطحي دورو پاڪستان ۽ ڪروشيا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.











