راولپنڊي- 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته بلوچستان ۾ مختلف ڪارروائين دوران عام شهرين ۽ پوليس اهلڪارن سميت 42 ماڻهو شهيد ٿيا، جڏهن ته 54 دهشتگرد مارجي ويا آهن، دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن، دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو پيڇو ڪنداسين ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، دنيا …
بلوچستان ۾ مختلف ڪارروائين دوران عام شهرين ۽ پوليس اهلڪارن سميت 42 ماڻهو شهيد ٿيا، 54 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو پيڇو ڪنداسين: ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جي پريس ڪانفرنس

مزید خبریں
راولپنڊي- 08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته بلوچستان ۾ مختلف ڪارروائين دوران عام شهرين ۽ پوليس اهلڪارن سميت 42 ماڻهو شهيد ٿيا، جڏهن ته 54 دهشتگرد مارجي ويا آهن، دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن، دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن جو پيڇو ڪنداسين ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان کي ميري اک سان نٿي ڏسي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن بلوچستان ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته گذريل 4 ڏينهن ۾ بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا 3 وڏا واقعا پيش آيا. پهريون واقعو 4 ۽ 5 جولاءِ جي رات جي وقت پيش آيو، جڏهن بگرائي جي علائقي کنه اوڙڪا ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن مقامي آبادي ۽ معصوم شهرين تي حملو ڪيو، بلوچستان جي غيرتمند عوام انهن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ان دوران 4 بهادر معصوم شهري شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. ٻيو واقعو 6 جولاءِ تي پيش آيو، منگي ڊيم کان ڪوئيٽه کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، منگي ڊيم ڪوئيٽه ۾ زيارت جي علائقي ۾ پمپنگ اسٽيشن نمبر 3 ويجهو بلوچستان پوليس جي چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن ڪيترن ئي طرفن کان حملو ڪيو، ان چيڪ پوسٽ تي پوليس منگي ڊيم ۽ معصوم شهرين جي حفاظت تي مقرر هئي، انهن کي نشانو بڻايو ويو، پوليس جي بهادر جوانن بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ 15 خوارجين کي ماري ڇڏيو، ان مقابلي ۾ پوليس جي 9 جوانن شهادت ماڻي، فوري طور تي ايف سي ۽ پاڪ فوج جي وڏي نفري رواني ڪئي وئي ۽ هو جلد اُتي پهتي، دهشتگرد ڪجهه پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي پاڻ سان وٺي ويا، سيڪيورٽي فورسز سندن پيڇو ڪيو. خوارجي، پوليس هٿان مارجي ويل 15 ساٿين جا لاش ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس جا اهي اهلڪار مقامي هئا، اهي سڀ هتان جا مقامي بلوچ ۽ پختونن جا ٻار آهن. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فورسز دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ۽ آپريشن ڪيو، انهن وٽ اسان جا جوان هئا، ان لاءِ محتاط ٿي انهن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو، 6 جولاءِ کان جاري آپريشن دوران ڪيترائي خوارجي مارجي ويا، ان دوران بزدل دهشتگردن 18 يرغمال جوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو، هي آپريشن اڃا به هلي رهيو آهي، مجموعي طور تي 27 جوان شهيد ٿيا. ان واقعي ۾ هاڻ تائين 26 خوارجي مارجي چڪا آهن. ٽيون واقعو بيلابندر پيش آيو جتي هڪ سيڪيورٽي قافلي تي بي ايل اي حملو ڪيو، حملي دوران پاڪ فوج جي هڪ جي سي او سميت 11 جوان شهيد ٿيا ۽ بي ايل اي ۽ فتنه الهندستان جا 14 دهشتگرد مارجي ويا. هن چيو ته اربع ڏينهن 2 آپريشن ڪيا ويا، خاران ۾ 6 ۽ دالبندين ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، انهن دهشتگردن جو تعلق فتنه الهندستان سان هو. هن چيو ته انهن ڪارروائين دوران عام شهرين سميت 42 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ 54 دهشتگرد ماريا ويا آهن. هن چيو ته مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون جاري آهن، پاڪ فوج سميت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهي آهي، فضائي ۽ زميني سطح تي دهشتگردن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن چيو ته انهن واقعن پويان ڀارت جو هٿ آهي، ان ۾ ڀارت سان اهي قوتون مليل آهن جن کان پاڪستان جي عزت، خوشحالي ۽ استحڪام برداشت نٿو ٿئي. هن چيو ته افغانستان جي سرزمين غير قانوني افغان طالبان رجيم جي قبضي هيٺ دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، دهشتگرديءَ جي انهن واقعن ۾ ماريل دهشتگرد افغان هئا، ڪراچيءَ واقعي ۾ ملوث 4 حملي آورن ۾ 3 افغان دهشتگرد هئا، انهن دهشتگردن کي سهولتڪاري افغان طالبان رجيم فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهي حملا منظم طريقي سان ڪيا پيا وڃن، انهن پويان ماسٽر مائينڊ ۽ ان جا سهولت ڪار آهن، افغان طالبان رجيم انهن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، افرادي قوت فراهم ڪري رهي آهي، افغان طالبان رجيم کي پاڪستان جي عزت، ترقي ۽ وقار کان مسئلو آهي، بلوچستان پاڪستان جي عزت، آن ۽ شان آهي، بلوچستان جي خوشحالي هڪ حقيقت آهي، جنهن کي ڪو بدلائي نٿو سگهي، اها کين هضم ناهي ٿي رهي، انهن کي هر ان شيءِ کان مسئلو آهي جيڪو بلوچستان جي عوام لاءِ آهي، کين ڪوئيٽه ويندڙ پاڻيءَ جي پائپ لائن کان مسئلو آهي. هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۽ پاڪستان حڪومت جي واضح هدايتن جي روشنيءَ ۾ پاڪستاني فوج واضح مؤقف ۽ عزم رکي ٿي ته انهن کي ڪيئن مُنهن ڏيڻو آهي، اسان هر طرح سان انهن دهشتگردن جو پيڇو ڪنداسين ۽ انهن کي هدف بڻائينداسين، ان حقيقت بابت مان، بلوچستان حڪومت ۽ ان جو عوام ڄاڻون ٿا، بلوچستان جي وڏي وزير روڊ رستي زيارت ويو، 3 سالن کان رياست واضح پاليسي ڏيکاري رهي آهي ته انهن دهشتگردن جو اسلام سان ڪو تعلق ناهي ۽ اهي خوارج آهن، اهي فتنه الهندستان آهن، انهن جو بلوچستان ۽ بلوچن سان ڪو تعلق ناهي، انهن کي ان سان پريشان آهي، دنيا جي ڪا طاقت پاڪستان کي هيٺاهين نٿي ڏيکاري سگهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بلوچستان هتي آهي ۽ هميشه رهندا، هر دهشتگرد ۽ انهن جي سمورن سهولتڪارن جو پيڇو ڪنداسين، توهين اسان جي ٻارن ۽ شهرين تي هٿ وجهو ٿا ۽ سمجهو ٿا ته اسان اچي ڳالهيون ڪنداسين، عوام، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هر لمحي دهشتگرديءَ خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن، هر صورت اسان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي ڇاڪاڻ ته اسان حق ۽ سچ تي بيٺل آهيون، اسان پنهنجي تحفظ لاءِ بيٺل آهيون.










