اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ تي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان ۾ چونڊيل حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاران فراهم ڪيل ڀرپور تعاون تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا ادا ڪيا. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اڳتي ٿيندڙ عام چونڊن جو آزاداڻو، منصفاڻو ۽ شفاف انعقاد انتهائي اهميت رکندڙ آهي.










