اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جي نگراني ڪندڙ اعلى سطحي ڪميٽي جي ستين اجلاس جي صدارت ڪئي. پاڪستان ان اهم ڪانفرنس جي ميزباني 12 ۽ 13 جولاءِ 2026ع تي ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪانفرنس جي تيارين جو …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ او آءِ سي جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جي نگراني ڪندڙ اعلى سطحي ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي عورتن بابت نائين وزارتي ڪانفرنس جي تيارين جي نگراني ڪندڙ اعلى سطحي ڪميٽي جي ستين اجلاس جي صدارت ڪئي. پاڪستان ان اهم ڪانفرنس جي ميزباني 12 ۽ 13 جولاءِ 2026ع تي ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪانفرنس جي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو جنهن ۾ ڪانفرنس جي جڳهه، پروگرام، غيرملڪي وفدن جي سهولتڪاري، پروٽوڪول، سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، ميڊيا انتظامن ۽ مختلف وزارتن جي وچ ۾ رابطن سميت سمورن انتظامي معاملن جو جائزو ورتو ويو ته جيئن ڪانفرنس جي ڪامياب، منظم ۽ خوش اسلوبي سان انعقاد کي يقيني بڻائي سگهجي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تيارين جي آخري مرحلي ۾ سمورن انتظامن کي بنا ڪنهن نقص ۽ خامي جي مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي مڪمل طور تي متحرڪ رهن، گڏيل رابطي کي وڌيڪ موثر بڻائين ۽ سمورا باقي رهيل معاملا مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، انساني حقن بابت پارلياماني سيڪريٽري صبا صادق، انساني حقن واري وزارت ۽ ڪابينا ڊويزن جي وفاقي سيڪريٽرين جڏهن ته لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










