گهرو وفاقي وزير پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ اين-25 ويجهو فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو آهي. هن 19 دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي ان اهم آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 11 جوانن جي شهادت تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو ۽ کين …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بلوچستان ۾ اين-25 ويجهو فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست لفظن ۾ ساراهيو آهي. هن 19 دهشتگردن کي مارڻ تي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي ان اهم آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 11 جوانن جي شهادت تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو ۽ کين خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اسان جا بهادر پُٽ وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي ناپاڪ اِرادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ شهيدن جي خاندانن جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته وطنِ عزيز جا اهي شهيد پوري قوم جو فخر آهن ۽ قوم سندن لازوال قربانين جي هميشه قرضي رهندي، اسان جي جوانن جون قربانيون دهشتگرديءَ خلاف پاڪستان جي پُختي عزم جو چِٽو اظهار آهي. مان انهن قربانيءَ جو جذبو رکندڙ شهيدن ۽ سندن عظيم خاندانن کي دل جي گهرائين سان سلام پيش ڪريان ٿو.

مزید خبریں