پاڪستان کي هيپاٽائيٽس فري بنائڻ اسان جو قومي عزم آهي: مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پي ايم هيپاٽائيٽس سي پروگرام حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ملڪ کي ان مرض کان پاڪ ڪرڻ اسان جو قومي عزم آهي، هي صرف صحت جو منصوبو ناهي پر قوم جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ جي جامع مهم آهي. اهڙو اظهار هن هيپاٽائيٽس سي بابت وزيراعظم جي پروگرام جي …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پي ايم هيپاٽائيٽس سي پروگرام حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ملڪ کي ان مرض کان پاڪ ڪرڻ اسان جو قومي عزم آهي، هي صرف صحت جو منصوبو ناهي پر قوم جي مستقبل کي محفوظ بنائڻ جي جامع مهم آهي. اهڙو اظهار هن هيپاٽائيٽس سي بابت وزيراعظم جي پروگرام جي اهم جائزه اجلاس دوران ڪيو، جنهن ۾ هيپاٽائيٽس سي جي قومي فني مشاورتي گروپ جي سربراهه پروفيسر سعيد اختر، صحت جو ايڊيشنل سيڪريٽري، پراجيڪيٽ ڊائريڪٽر هيپاٽائيٽس سي پروگرام، پمز ۽ پولي ڪلينڪ جي سربراهن ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اسلام آباد شرڪت ڪئي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر اسلام آباد ۾ هيپاٽائيٽس سي اسڪريننگ جي پائليٽ مرحلي جي اڳڀرائيءَ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جي مريضن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، ان لاءِ ان بيماريءَ جو خاتمو قومي ترجيح ۽ قومي مقصد آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسلام آباد ۾ ان پروگرام جي ڪاميابيءَ ۾ پمز ۽ پولي ڪلينڪ اسپتال اهم ڪردار ادا ڪندا، جڏهن ته عوامي مهم کي وڌيڪ اثرائتو بنايو وڃي ته جيئن هر شهري پنهنجي قومي ذميداري سمجهندي هيپاٽائيٽس سي جون ٽيسٽ ڪرائي. هن اسلام آباد جي شهرين کي اپيل ڪئي ته هو ان قومي مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن. هن چيو ته حڪومت شهرين کي مفت اسڪريننگ ۽ مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته جن ماڻهن ۾ هيپاٽائيٽس سي جي سُڃاڻپ ٿيندي، رياست ان جي علاج جو سمورو خرچ برداشت ڪندي.

مزید خبریں