اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، مرحوم عبدالستار ايڌي جي 10هين ورسي تي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي انسان دوستي، ايثار ۽ خلق جي خدمت لاءِ لازوال علامت آهي. اربع ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عبدالستار ايڌي بنا فرق، رنگ، نسل، مذهب جي انسانيت جي خدمت کي پنهنجو شعور بڻايو، جنهن سبب سندس بي لوث …
سردار اياز صادق جو مرحوم عبدالستار ايڌي جي 10هين ورسيءَ تي کيس خراجِ عقيدت

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، مرحوم عبدالستار ايڌي جي 10هين ورسي تي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي انسان دوستي، ايثار ۽ خلق جي خدمت لاءِ لازوال علامت آهي. اربع ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته عبدالستار ايڌي بنا فرق، رنگ، نسل، مذهب جي انسانيت جي خدمت کي پنهنجو شعور بڻايو، جنهن سبب سندس بي لوث خدمتون هميشه قوم جي دلين ۾ زندهه رهنديون. عبدالستار ايڌي جون قومي ۽ فلاحي خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهن. عبدالستار ايڌي جي خدمت واري مشن کي اڳتي وڌائڻ اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميداري آهي. اسپيڪر مرحوم جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي.











