شڪاگو- 08 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستاني ڄاول آمريڪي ڪاروباري برادريءَ کي پاڪستان جي معاشي ترقي، سيڙپڪاري، جدت ۽ علم تي ٻَڌل معيشت جي تعمير ۾ فعال ڀائيواري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ واپار، سيڙپڪاري …
خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪيو: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
شڪاگو- 08 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستاني ڄاول آمريڪي ڪاروباري برادريءَ کي پاڪستان جي معاشي ترقي، سيڙپڪاري، جدت ۽ علم تي ٻَڌل معيشت جي تعمير ۾ فعال ڀائيواري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ عالمي ڀائيواريءَ جا نوان موقعا پيدا ڪيا آهن. اربع ڏينهن رٿابندي واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شڪاگو ۾ پاڪستاني ڄاول آمريڪي سيڙپڪارن، صنعتڪارن، ڪاروباري شخصيتن، ٽيڪنالاجي جي ماهرن ۽ مالياتي شعبي سان واڳيل ناليوارن ماڻهن جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ فارچيون 500 ڪمپنين جي اڳوڻن اعليٰ عهديدارن، مصنوعي ذهانت جي شعبي سان واڳيل ناليوارن ماهرن، آمريڪي ٽيڪنالاجي جي سيڙپڪارن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني ڄاول آمريڪي شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي تاريخ جي هڪ اهم موڙ تي بيٺل آهي، جتي قومي سلامتي، اثرائتي سفارتڪاري ۽ معاشي استحڪام ۾ حاصل ٿيل ڪاميابين کي پائيدار اقتصادي ترقيءَ ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي وطن سان هميشه مضبوط رشتو رکن ٿا، جڏهن ته پاڪستاني ڄاول آمريڪي برادريءَ ٽيڪنالاجي، ماليات، صحت، توانائي، تعليم ۽ تحقيق سميت هر شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت مشڪل پر اڻٽر معاشي سڌارن ذريعي ملڪ کي ٻيهر معاشي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪري ڇڏيو آهي، مهانگائيءَ ۾ نمايان گهٽتائي آندي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ممڪن بڻي ۽ پاڪستان کي عالمي سطح تي معاشي بحاليءَ جي هڪ ڪامياب مثال طور تي تسليم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت مضبوط بنياد فراهم ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اوورسيز پاڪستاني پنهنجي سيڙپڪاري، تجربي، پيشيوراڻن رابطن ۽ مهارتن ذريعي پاڪستان جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. پروفيسر احسن اقبال اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي قومي معاشي تبديلي جي پروگرام اُڏام پاڪستان کان آگاهه ڪندي ٻُڌايو ته هن پروگرام تحت 2035ع تائين پاڪستان کي هڪ ٽريلين ڊالر ۽ 2047ع تائين ٽي ٽريلين ڊالر جي معيشت بنائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جي بنياد فائيو ايز فريم ورڪ يعني روانگي واپار، اِي پاڪستان، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، توانائي ۽ بنيادي ڍانچه ۽ مساوات ۽ بااختياري تي رکيو ويو آهي. هن چيو ته آءِ ٽي، زراعت، صنعت، سياحت، معدنيات، بليو اڪانومي، هنرمند افرادي قوت ۽ تخليقي صنعتون پاڪستان جي روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ ترجيحي شعبن جي حيثيت رکن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته حڪومت پاڪستاني ڄاول آمريڪي تعليمي ماهرن، محققن ۽ سائنسي ادارن سان سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن ان سلسلي ۾ يونيورسٽي آف الينواءِ شڪاگو، الينواءِ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، يونيورسٽي آف شڪاگو ۽ آمريڪا- پاڪستان ناليج ڪوريڊور تحت جاري سهڪار جو ذڪر ڪندي چيو ته مصنوعي ذهانت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تحقيق جي شعبن ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ماهرن جي خدمتن مان فائدو کڻڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. شڪاگو جي دؤري دوران وفاقي وزير يونيورسٽي آف شڪاگو جي مختلف شعبن جي سربراهن ۽ ماهرن سان ڌار ڌار ملاقاتون پڻ ڪيون، جن ۾ عوامي پاليسي، سرڪاري شعبي ۾ سڌارن، تعليمي نصاب، انساني وسيلن جي ترقي ۽ موسمياتي تبديليءَ جهڙن اهم موضوعن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. پروفيسر ماڌورا جن ۽ پروفيسر ڪيٽي هيرنياڪ سان ملاقات ۾ احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ انساني وسيلن جي ترقي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي سول سروس کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اڻٽر آهي ته جيئن حڪومتي پاليسين تي اثرائتي انداز ۾ عملدارآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستاني شاگردن لاءِ هڪ گڏيل تعليمي پروگرام متعارف ڪرايو ويندو، جنهن تحت هو پنهنجي تعليم جو هڪ حصو شڪاگو ۾ جڏهن ته ريسرچ جو ڪم پاڪستان ۾ مڪمل ڪندا. ان کان علاوه پاڪستاني سول سرونٽس جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ يونيورسٽي آف شڪاگو جي سهڪار سان هڪ جديد تربيتي پروگرام پڻ تربيت ڏنو ويندو ته جيئن کين سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ موجوده دؤر جي مهارتن سان ليس ڪري سگهجي. بعد ۾ معاشيات جي ترقياتي ماهر ڊاڪٽر ڪرسٽينا بران ۽ ريسرچ ڊائريڪٽر زوهيب حسن سان ملاقات ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي سهڪار سان ملڪ جي اسڪولن ۽ يونيورسٽين جي نصاب جو جامع جائزو وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو ته جيئن تعليم جي نظام کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ، تحقيق تي ٻَڌل ۽ شاگردن جي فڪري صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اثرائتو بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته عالمي گدلاڻ ۾ نهايت محدود حصو وجهڻ باوجود پاڪستان موسمياتي تبديليءَ سبب سخت متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جڏهن ته 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان حقيقت جو چِٽو ثبوت آهي. شڪاگو جي دؤري جي پڄاڻيءَ تي سمورين ڌُرين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته اقتصادي سهڪار، انساني وسيلن جي ترقي، تعليمي سڌارن، موسمياتي لچڪ، علائقائي رابطن ۽ علم تي ٻَڌل معيشت کي هٿي وٺرائڻ جي گڏيل ويزن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو.











