ڪي پي ڪي جو مراعتن وارو بل سياسي رشوت ۽ وي آءِ پي ڪلچر جو بدترين مثال آهي، وفاقي حڪومت صوبائي بل مڃڻ جي پابند ناهي: طلال چوڌري

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري ڪي پي ڪي اسيمبليءَ مان پاس ٿيل نئين مراعتن واري بل کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي ان کي سياسي رشوت ۽ پي ٽي آءِ جي ٻٽي معيار جو عڪاس قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ طلال چوڌري جو چوڻ هو ته ڪي پي اسيمبلي جو منظور ڪيل بل ۽ ان تحت ملندڙ …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري ڪي پي ڪي اسيمبليءَ مان پاس ٿيل نئين مراعتن واري بل کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي ان کي سياسي رشوت ۽ پي ٽي آءِ جي ٻٽي معيار جو عڪاس قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ طلال چوڌري جو چوڻ هو ته ڪي پي اسيمبلي جو منظور ڪيل بل ۽ ان تحت ملندڙ غير منصفاڻيون مراعتون وفاقي حڪومت تي ڪنهن به صورت لازم ناهن ۽ وفاق ان مٿاهين قانوني قدم کي تسليم نه ڪندو. هن چيو ته وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪرڻ جي دعويدارن قانونسازي ذريعي اشرافيه لاءِ مراعتن جو نئون ۽ شرمناڪ مثال قائم ڪيو آهي. مملڪتي وزير بل جي قانوني حيثيت تي ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به صوبائي اسيمبليءَ جي قانونسازي يا ليجسليشن وفاقي حڪومت لاءِ بائنڊنگ ناهي هوندي. هن واضح ڪيو ته بليو پاسپورٽ تاحيات ڏيڻ جي اجازت ناهي، وفاقي حڪومت، وزيراعظم ۽ گهرو وزير گذريل ٻن سالن ۾ ڪفايت شعاري تحت بليو (آفيشل) پاسپورٽس جو پهرين ئي اڌ ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ هي پاسپورٽ صرف ۽ صرف آفيشنل ڊيوٽي تي مقرر ماڻهن کي ملندا، ڪنهن کي خوش ڪرڻ يا سياسي مراعتن طور تي ڪي پي اسيمبليءَ تحت تاحيات بليو پاسپورٽ جاري نه ڪيا ويندا. ڪي پي حڪومت طرفان ميمبرن کي بنا فيس جي ڊبل ۽ منع ٿيل بور جا هٿيار لائسنس ڏيڻ جي فيصلي تي هن ٻُڌايو ته وفاقي گهرو وزارت، وزيراعظم جي حڪم تي منع ٿيل بور جا لائسنسز جاري ڪرڻ ۾ گذريل حڪومتن جي ڀيٽ ۾ 95 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. غير منع ٿيل بور جا هٿيار لائسنس ۾ به 60 کان 65 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي چڪي آهي ۽ هاڻ صرف لاڳاپيل ۽ حقدار ماڻهن کي سخت جاچ پڙتال کان پوءِ ئي لائسنس ڏنا ويندا آهن. طلال چوڌري جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا اندر جا هڪڙا ۽ ٻاهر جا ٻيا آهن، ماڻهن کي ڪجهه ٻُڌائين ٿا ۽ پاڻ ڪجهه ٻيو ڪن ٿا. هن ياد ڏياريو ته اهي ماڻهو دعويٰ ڪندا هئا ته اقتدار ۾ اچي گورنر هائوس ڪيرائينداسين، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائينداسين، ريسٽ هائوسز نجي تحويل ۾ ڏينداسين ۽ اسيمبلي ميمبر عام ماڻهوءَ وانگر رهندا، پر ڪي پي اسيمبلي جي بل موجب هاڻ ميمبرن لاءِ ٽول ٽيڪس فري ڪيو ويو آهي، هو سرڪاري ريسٽ هائوسز ۾ بنا ادائگي جي تاحيات مفت رهي سگهن ٿا، انهن جي گاڏين تي ڪارا شيشا، خاص نمبر پليٽس ۽ مفت سيڪيورٽي هوندي. طلال چوڌري سوال اُٿاريو ته ڇا پاڪستان جي عام ماڻهوءَ کي اهي سڀ سهولتون حاصل آهن؟ مملڪتي وزير پي ٽي آءِ جي ايم اين اي اقبال آفريدي جو حوالو ڏيندي انڪشاف ڪيو ته ماضيءَ ۾ سندس پُٽ بليو پاسپورٽ جو غلط استعمال ڪيو، هو ان آفيشل پاسپورٽ تي يورپ ويو ۽ اُتي وڃي ان ئي پاسپورٽ کي سرينڊر ڪري سياسي پناهه وٺي ڇڏي ۽ پاڪستاني قوميت ڇڏي سڄي دنيا ۾ ملڪ جي بدناميءَ جو سبب بڻيو. هن چيو ته ان ئي سببن جي ڪري ماضيءَ ۾ اسان جي عالمي پاسپورٽ جي عالمي ريڪنگ هيٺ ڪِري هئي. طلال چوڌري وفاقي حڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته موجوده حڪومت جي ٺوس قانونسازي، سيڪيورٽي فيچرز جي بهتري ۽ جعلي پاسپورٽس جي خاتمي عيوض گذريل سوا ٻن سالن ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي عالمي رينڪنگ 25 کان 30 درجا بهتر ٿي آهي، جيڪو پاسپورٽ دنيا ۾ 120، 125 يا 130 نمبر تي هو، اهو هاڻ 100 کان هيٺ اچي چڪو آهي. ان ئي سبب ڪيترائي يورپي ملڪ ۽ گلف اسٽيٽس پاڪستان جي آفيشل، ڊپلوميٽڪ ۽ گرين پاسپورٽ لاءِ ويزا فري انٽري جا معاهدا سائن ڪيا آهن. هن آخر ۾ عزم ورجايو ته وفاقي حڪومت اهڙي ڪنهن به قانونسازي کي لاڳو نه ڪندي جيڪا ملڪي پاسپورٽ جي رينڪنگ کي متاثر ڪري يا سياسي رشوت تي ٻَڌل هجي، ڇاڪاڻ ته اهڙين غير منصفاڻين مراعتن جي ڪا آئيني ۽ اخلاقي حيثيت ناهي.

مزید خبریں