وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پاران چين ۾ ٻوڏ ۽ شديد برساتن سبب قيمتي جانين جي نقصانن تي گهري ڏک جو اظهار

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چين ۾ ٻوڏ ۽ شديد برساتن سبب قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ پاڪستان چيني عوام ۽ قيادت سان گڏ آهي، پاڪ چين دوستي هميشه هر آزمائش تي …

اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چين ۾ ٻوڏ ۽ شديد برساتن سبب قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ پاڪستان چيني عوام ۽ قيادت سان گڏ آهي، پاڪ چين دوستي هميشه هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۽ قدرتي آفتن ۾ هميشه هڪ ٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. وفاقي وزير متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ٻوڏ ۽ برساتن ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

مزید خبریں