گهرو وفاقي وزير جي سريلنڪن هم منصب سان ملاقات

نيويارڪ- 08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ سريلنڪا جي هم منصب آنند وجي پالا سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ سيڪيورٽي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن منشيات جي خاتمي جي حوالي سان اثرائتي ڪوآرڊينيشن ۽ پوليس ٽريننگ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان علاوه غير قانوني اميگريشن ۽ جعلي …

نيويارڪ- 08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ سريلنڪا جي هم منصب آنند وجي پالا سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ سيڪيورٽي سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن منشيات جي خاتمي جي حوالي سان اثرائتي ڪوآرڊينيشن ۽ پوليس ٽريننگ لاءِ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان علاوه غير قانوني اميگريشن ۽ جعلي پاسپورٽ تي سفر ڪندڙن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو، جنهن تحت ٻنهي ملڪن جا اميگريشن سربراهه فوري طور هڪٻئي سان رابطو ڪندا. ٻنهي گهرو وزيرن ڏوهاري پيشه ماڻهن جي نيٽ ورڪس ۽ مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان سهڪار کي مستقل بنيادن تي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻنهي وزارتن وچ ۾ هڪ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جوڙڻ ۽ ويزا بابت درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.