اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي تڪ 4 کڙي شريف ۾ ناليواري سياسي شخصيتن، اهم ڌڙن ۽ عوامي نمائندن جي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت عوام جي ترقي، استحڪام ۽ خدمت جي سياست تي اعتماد جو چِٽو اظهار آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن ڪشمير ڪائونسل اسلام آباد ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن …
آزاد ڪشمير جي تڪ 4 کڙي شريف ۾ ناليواري سياسي شخصيتن جي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت عوام جي اعتماد چِٽو اظهار آهي: انجنيئر امير مقام
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي تڪ 4 کڙي شريف ۾ ناليواري سياسي شخصيتن، اهم ڌڙن ۽ عوامي نمائندن جي پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت عوام جي ترقي، استحڪام ۽ خدمت جي سياست تي اعتماد جو چِٽو اظهار آهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن ڪشمير ڪائونسل اسلام آباد ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وڏين سياسي شموليتن سان تڪ جو سياسي منظرنامو تبديل ٿي ويو آهي ۽ مسلم ليگ (ن) وڌيڪ مضبوط ٿي سامهون آئي آهي. وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ جي قائد ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ سڄي ملڪ ۾ عوامي خدمت ۽ ترقياتي سياست جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌي رهي آهي. هن چيو ته کڙي شريف جي معتبر سياسي شخصيتن جي شموليت اهو ثابت ڪيو آهي ته عوام انتشار نه پر ترقي ۽ استحڪام چاهي ٿو. هن چيو ته تڪ 4 کڙي شريف ۾ ٿيل تازي سياسي اڳڀرائي (ن) ليگ جي عوامي مقبوليت جو مظهر آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي ڪارڪن متحد ٿي ڪاميابيءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊن جي اعلان کان اڳ تڪ 4 کڙي شريف ۾ (ن) ليگ جي هڪ وڏي سياسي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. جتي آزاد ڪشمير جو اڳوڻو ڊپٽي اسپيڪر چوڌري محمد اعظم مرحوم جو خاندان، محسن کڙي شريف چوڌري محمد منير مرحوم جي فيملي، مرزا مظفر فيملي، ضلعي ڪائونسل ميرپور جو ضلعي چيئرمين راجا نويد اختر سميت ڪيتريون اهم سياسي شخصيتون اڳوڻيون سياسي وابستگيون ختم ڪري (ن) ليگ جي اميدوار ۽ اڳوڻو وزير چوڌري رخسار احمد جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. (ن) ليگ جي مرڪزي قيادت جي موجودگيءَ ۾ رٿيل تقريب ۾ وفاقي وزير پارٽيءَ ۾ شامل ٿيل شخصيتن کي ڀليڪار ڪيو.











