اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 38 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 56 هزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 48 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 48 هزار …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اربع ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 38 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 56 هزار 300 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 48 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 48 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 10 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 10 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 31 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 12 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 67 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 37 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 53 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 12 هزار 800 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 7 هزار ۽ هيٺانهون وهڪرو 50 هزار ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 32 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1488.04 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.418 ملين ايڪڙ فٽ، جڏهن ته منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1167.70 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.467 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. ساڳئي طرح چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.90 فٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.253 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











