نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي جي مُلاقات

اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي اربع ڏينهن ملاقاتڪ ئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحن کانپوءِ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ …

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي اربع ڏينهن ملاقاتڪ ئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحن کانپوءِ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. سعودي سفير علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو جن ۾ آر فور جي ذريعي قدمن ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جي ذريعي ثالثي جون ڪوششون پڻ شامل آهن. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.