اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نجي ڪارگو جهاز جي عربي سمنڊ ۾ گم ٿي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر گم ٿيل جهاز جي عملي جي خيريت جي لاءِ دعا ڪندي سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جي ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪئي. هن جهاز جي عملي جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ …
صدر پاران نجي ڪارگو جهاز جي عربي سمنڊ ۾ گم ٿي وڃڻ تي افسوس جو اظهار
اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نجي ڪارگو جهاز جي عربي سمنڊ ۾ گم ٿي وڃڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر گم ٿيل جهاز جي عملي جي خيريت جي لاءِ دعا ڪندي سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جي ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪئي. هن جهاز جي عملي جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي ان آزمائش جي گهڙيءَ ۾ انهن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته پوري قوم گم ٿيل عملي جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.












