اسلام آباد - 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ماحول دوست صاف، سستي ۽ پائيدار توانائي جي لاءِ شمسي توانائي جو فروغ قومي توانائي جو اهم جز آهي، 100 ميگاواٽ سولر منصوبو وفاقي حڪومت پاران گلگت بلتستان جي عوام جي لاءِ تحفو آهي، پاور ڊويزن منصوبي جي وقت سر تڪميل جي حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪري. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …
ماحول دوست صاف، سستي ۽ پائيدار توانائي جي لاءِ شمسي توانائي جو فروغ قومي توانائي جو اهم جز آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ماحول دوست صاف، سستي ۽ پائيدار توانائي جي لاءِ شمسي توانائي جو فروغ قومي توانائي جو اهم جز آهي، 100 ميگاواٽ سولر منصوبو وفاقي حڪومت پاران گلگت بلتستان جي عوام جي لاءِ تحفو آهي، پاور ڊويزن منصوبي جي وقت سر تڪميل جي حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪري. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گلگت بلتستان جي لاءِ 100 ميگاواٽ شمسي توانائي منصوبي بابت جائزه اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي گلگت بلتستان شمسي توانائي منصوبي تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 100 ميگاواٽ سولر منصوبو وفاقي حڪومت پاران گلگت بلتستان جي عوام جي لاءِ هڪ تحفو آهي، پاور ڊويزن منصوبي جي تنصيب ۽ وقت سر تڪميل جي حوالي سان پنهنجي ذميواري پوري ڪري. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سولر منصوبي جي لاءِ خريداري جي عمل ۾ مڪمل شفافيت يقيني بڻائي وڃي، سموريون ادائيگيون ٽئين ڌر جي توثيق کانپوءِ ڪيون وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت 499 سرڪاري عمارتن جي ڇتين تي بيٽري اسٽوريج سميت 18 ميگاواٽ سولر سسٽم ڊسمبر 2026ع تائين هنيو ويندو، 82 ميگاواٽ يوٽيلٽي اسڪيل سولر منصوبي جي پي سي ون منظوري جي لاءِ ايڪنڪ ڏانهن موڪلي وئي، 82 ميگاواٽ سولر منصوبي سان اٽڪل 13 لک ماڻهو فائدو کڻندا، منصوبي جي تڪميل سان گلگت بلتستان ۾ سروس جو معيار بهتر ٿيندو ۽ لوڊ شيڊنگ جي خاتمي ۾ مدد ملندي.










