اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عبدالستار ايڌي کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هُو نوجوان نسل لاءِ قابل تقليد شخصيت آهي، جنهن اهو ثابت ڪيو ته هر شخص سماجي سڌارن ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، عبدالستار ايڌي جهڙي انسان دوست ۽ خلق جي خدمت جي علمبردار شخصيت بنا ڪنهن شڪ جي قوم جي لاءِ فخر جو سبب ۽ قومي اثاثو …
وزيراعظم پاران عبدالستار ايڌي کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عبدالستار ايڌي کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته هُو نوجوان نسل لاءِ قابل تقليد شخصيت آهي، جنهن اهو ثابت ڪيو ته هر شخص سماجي سڌارن ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، عبدالستار ايڌي جهڙي انسان دوست ۽ خلق جي خدمت جي علمبردار شخصيت بنا ڪنهن شڪ جي قوم جي لاءِ فخر جو سبب ۽ قومي اثاثو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب پاران جاري بيان موجب نامياري سماجي خدمتگار ۽ سماجي شخصيت عبدالستار ايڌي جي ڏهين ورسي جيڪا اربع ڏينهن ملهائي پئي وڃي. ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عبدالستار ايڌي کي سندن بي مثال قومي ۽ ڀلائي وارن ڪمن تي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته عوامي ڀلائي جي مخلصاڻي جذبي سان سرشار عبدالستار ايڌي مسئلن جي حل جي سماجي رخن کي اجاگر ڪيو. سندن وڏيون خدمتون پاڪستان جي سماجي تاريخ جو غير معمولي حصو آهن. وزيراعظم چيو ته عبدالستار ايڌي جهڙُيون شخصيتُون نوجوان نسل لاءِ رول ماڊل آهن، هُن ثابت ڪيو ته هر شخص سماجي سڌاري ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته عبدالستار ايڌي جُون عوامي خدمتون مُعاشري ۾ احساس، رواداري ۽ گڏيل ڀائيچاري جهڙن مثبت قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿيُون. وزيراعظم عبدالستار ايڌي جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي چيو ته سندس سماجي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.









