اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شارجه کان ڪراچي ايندڙ نجي ڪارگو جهاز ”ڪي 2 ايئر ويز“ جي عربي سمنڊ ۾ ڪري گُم ٿيڻ واري افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جهاز ۾ سوار عملي جي پنجن ميمبرن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن …
وزيراعظم پاران شارجه کان ڪراچي ايندڙ نجي ڪارگو جهاز جي گُم ٿيڻ واري افسوسناڪ حادثي تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد- 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شارجه کان ڪراچي ايندڙ نجي ڪارگو جهاز ”ڪي 2 ايئر ويز“ جي عربي سمنڊ ۾ ڪري گُم ٿيڻ واري افسوسناڪ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم جهاز ۾ سوار عملي جي پنجن ميمبرن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي، پاڪستان نيوي ۽ هوائي فوج کي عربي سمنڊ ۾ سرچ ۽ ريسڪيو جُون ڪارروايُون تيز ڪرڻ ۽ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي.










