پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور، گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد - 07 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ اڱاري ڏينهن ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي يورپ بابت ايڊيشنل سيڪريٽري عائشه علي ڪئي جڏهن ته بلغاريه جي وفد جي سربراهي بلغاريه جي پرڏيهي وزارت جي ٻطرفي لاڳاپن بابت ڊائريڪٽر جنرل پيٽڪو دوئيڪوف ڪئي. ٻنهي ملڪن گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي رابطن، …

اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ اڱاري ڏينهن ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي يورپ بابت ايڊيشنل سيڪريٽري عائشه علي ڪئي جڏهن ته بلغاريه جي وفد جي سربراهي بلغاريه جي پرڏيهي وزارت جي ٻطرفي لاڳاپن بابت ڊائريڪٽر جنرل پيٽڪو دوئيڪوف ڪئي. ٻنهي ملڪن گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ سياسي رابطن، واپار ۽ معيشت، دفاع، ثقافت، تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون جي مختلف امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. مشاورتي اجلاس خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيو جتي ٻنهي ملڪن مسلسل رابطو برقرار رکڻ ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو گذريل دور 11 اپريل 2023ع تي صوفيه ۾ ٿيو هو. بعد ۾ بلغاريه جي وفد جي سربراهه پيٽڪو دوئيڪوف پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري کيس اهم علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ تڪرار ۾ پاڪستان جي ثالثي ڪردار جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو.