اسلام آباد - 07 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن جاري گڏيل پڌرنامي موجب اهو اتفاق راءِ صدر آصف علي زرداري جي ڪرغز جمهوريه جي سرڪاري دوري دوران سامهون آيو جيڪو هو ڪرغز جمهوريه جي صدر سادير زاپاروف جي …
پاڪستان ۽ ڪرغزستان پاران اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ، واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪرغزستان اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن جاري گڏيل پڌرنامي موجب اهو اتفاق راءِ صدر آصف علي زرداري جي ڪرغز جمهوريه جي سرڪاري دوري دوران سامهون آيو جيڪو هو ڪرغز جمهوريه جي صدر سادير زاپاروف جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. صدر جي ڪرغزستان جي دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل گڏيل پڌرنامي موجب ٻنهي سربراهن روايتي دوستي، گڏيل اعتماد ۽ گهري هم آهنگي جي فضا ۾ تفصيلي ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ لاڳاپن جي مسلسل مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي صدرن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪندي ڊسمبر 2025ع ۾ ڪرغز صدر جي پاڪستان جي دوري دوران طئي ٿيندڙ معاهدن تي وقت سر ۽ موثر عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي ملڪن فعال سياسي ڳالهه ٻولهه کي جاري رکڻ، اعلى ترين سطح تي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ پارليامينٽن، حڪومتن ۽ پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ اداراجاتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي حڪومتن، لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته طئي ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪيون وڃن ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري رابطن جي فروغ جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. گڏيل پڌرنامي ۾ ڪرغز – پاڪستان واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت بين الحڪومتي ڪميشن ۽ ان جي گڏيل ورڪنگ گروپس جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو. ٻنهي ملڪن ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ سڌوسنئون رابطن جي فروغ، گڏيل منصوبن ۽ سيڙپڪاري جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ هر ممڪن سرڪاري تعاون فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پڌرنامي موجب توانائي جي شعبي، خاص طور تي ڪاسا – 1000 منصوبي تي موثر ۽ تيز رفتار عملدرآمد کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو اهم محور قرار ڏنو ويو جيڪو وچ ۽ ڏکڻ ايشيا کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ هڪ اهم منصوبو آهي. ٻنهي ڌرين کاڻين جي کوٽائي، زراعت، ٽيڪسٽائيل، هلڪي صنعت، حلال صنعت، صحت ۽ دواسازي جي شعبن ۾ تعاون جي وسيع امڪانن جو پڻ جائزو ورتو. دواسازي جي شعبي ۾ طبي تعليم، ريگيوليٽري هم آهنگي، ويڪسين ۽ حياتياتي مصنوعات جي تياري، گڏيل منصوبن ۽ لاڳاپيل ڊرگ ريگيوليٽري ادارن جي وچ ۾ تعاون جي ذريعي منڊين تائين پهچ آسان بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان کانسواءِ ڊيجيٽل معيشت، اطلاعات ۽ مواصلاتي ٽيڪنالاجي، سياحت، بئنڪاري ۽ مالياتي شعبي ۾ پڻ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس ۽ ٽرانزٽ جي شعبن ۾ طئي ٿيل معاهدن تي عملي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏيندي سامان جي پهچ جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ چرپر جي رستن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ اضافي قدمن تي اتفاق ڪيو. تعليم، سائنس، ثقافت، سياحت، نوجوانن جي مٽاسٽا، طبي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ عوامي رابطا مضبوط بڻائڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو. سلامتي جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن دهشتگردي، انتهاپسندي، منشيات جي غيرقانوني اسمگلنگ، منظم ڏوهن، غيرقانوني هجرت، سائبر ڏوهن ۽ ٻين جديد خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. خطي ۽ دنيا ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته امن ۽ استحڪام ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي ۽ گڏيل قومن، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اسلامي تعاون تنظيم سميت سمورن عالمي فورمز تي دهشتگردي جي خلاف گڏيل ڪوششون جاري رکيون وينديون. عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته هڪطرفي اقتصادي ۽ مالياتي پابنديون گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون جي اصولن جي ابتڙ آهن، جيڪي عالمي غذائي ۽ توانائي جي تحفظ کي متاثر ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ پڻ رڪاوٽ بڻجن ٿيون. صدر سادير زاپاروف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 2028 – 2027ع جي مدي جي لاءِ غيرمستقل ميمبر جي چونڊ ۾ ڪرغزستان جي ميمبرشپ جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا ادا ڪيا جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ڪرغز جمهوريه 2026 – 2025ع جي مدي جي دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان عالمي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2788 (2025ع) ۽ قرارداد 2823 (2026ع) جي متفقه منظوري جي آجيان ڪئي. پڌرنامي ۾ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ويو ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي وئي ته اهو معاهدو خطي ۽ دنيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو بنياد ثابت ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن سمورن تڪرارن جي پرامن حل، گڏيل قومن جي منشور جي اصولن جي پاسداري ۽ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ تعاون ۽ رابطن جي فروغ جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪرغز جمهوريه پاڪستان کي 31 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر 2026ع تائين منعقد ٿيندڙ ڇهين نميڊ گيمز ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن کي پاڪستان قبول ڪندي اعلى سطح جا وفد ۽ راندين جون ٽيمون موڪلڻ جي تصديق ڪئي. دوري جي پڄاڻي تي صدر آصف علي زرداري ڪرغز عوام ۽ صدر سادير زاپاروف پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا ادا ڪيا ۽ ڪرغز صدر کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. دوري جي تاريخن جو تعين سفارتي ذريعن سان ڪيو ويندو.










