اسلام آباد - 07 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي حڪومت بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي وزيراعظم معائنه ڪميشن (پي ايم آءِ سي) جي چيئرمين برگيڊيئر (ر) مظفر علي رانجها جي ملازمت جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي توسيع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو اسٽيبنلشمينٽ ڊويزن پاران باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب برگيڊيئر (ر) مظفر علي رانجها جي بطور چيئرمين وزيراعظم معائنه ڪميشن ڪانٽريڪٽ تي مقرري …
وفاقي حڪومت پاران وزيراعظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين برگيڊيئر (ر) مظفر علي رانجها جي ملازمت جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي حڪومت بهترين ڪارڪردگي جي بنياد تي وزيراعظم معائنه ڪميشن (پي ايم آءِ سي) جي چيئرمين برگيڊيئر (ر) مظفر علي رانجها جي ملازمت جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي توسيع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو اسٽيبنلشمينٽ ڊويزن پاران باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب برگيڊيئر (ر) مظفر علي رانجها جي بطور چيئرمين وزيراعظم معائنه ڪميشن ڪانٽريڪٽ تي مقرري ۾ ٻن سالن جي اها واڌ پهرين جولاءِ 2026ع کان لاڳو هوندي. هو اڳوڻي شرطن ۽ ضابطن تحت ئي اڳئين حڪمن تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. برگيڊيئر (ر) مظفر علي رانجها جي سربراهي ۾ وزيراعظم معائنه ڪميشن پنهنجي مقرر مدي دوران وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ انهن کي درپيش پراڻي مسئلن جي حل جي لاءِ ڪيتريون اهم ۽ ٺوس سفارشون پيش ڪيون آهن جن تي هن وقت وفاقي حڪومت پاران عملدرآمد جاري آهي. ان ڪميشن وفاقي ادارن ۾ جاري مختلف ترقياتي ۽ عوامي منصوبن سميت ٻين اهم معاملن تي تفصيلي جائزو وٺي وزيراعظ کي ڪيتريون ئي تفصيلي رپورٽس پڻ موڪليون. وزيراعظم معائنه ڪميشن جي انهي شاندار ڪارڪردگي، شفافيت ۽ وفاقي ادارن جي مانيٽرنگ جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي برقرار رکڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت سندس ملازمت جي مدي ۾ ان واڌ جي منظوري ڏني آهي.










