وفاقي وزير احسن اقبال جون آمريڪا ۾ اهم ملاقاتون

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال آمريڪا جي دؤري دوران الينوائي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (آءِ آءِ ٽي) شڪاگو جي صدر راج اچمبادي سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ آءِ ٽي وچ ۾ تعليم، تحقيق، جدت ۽ افرادي سگهه جي ترقيءَ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن رٿابندي، ترقي ۽ …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال آمريڪا جي دؤري دوران الينوائي انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي (آءِ آءِ ٽي) شڪاگو جي صدر راج اچمبادي سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ آءِ ٽي وچ ۾ تعليم، تحقيق، جدت ۽ افرادي سگهه جي ترقيءَ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن وري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌُرين شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا، گڏيل تحقيقي رٿائن، صنعتي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ تعليمي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي آءِ آءِ ٽي جي صدر پاڪستان ۾ آءِ آءِ ٽي جو ڪيمپس قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ۽ راضپي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته پاڪستان جي آءِ ٽي ادارن جي سگهه وڌائڻ ۽ صنعت سان رابطا مضبوط بنائڻ سهڪار جي خاطري به ڪرائي. احسن اقبال چيو ته پاڪستان ۾ آءِ آءِ ٽي جي ڪيمپس جو قيام ملڪي تعليمي شعبي لاءِ هڪ تاريخي اڳڀرائي ثابت ٿيندو. هن چيو ته جديد گهُرجن موجب آءِ ٽي يونيورسٽين کي مارڪيٽن جي ضرورت سان هم آهنگ اپلائيڊ يونيورسٽين ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته تحقيق کي صنعت ۽ حڪومتي ضرورتن سان جوڙڻ قومي ترقيءَ جي مضبوط بنياد آهي. ان کان علاوه وفاقي وزير شڪاگو جي ميئر برينڊن جانسن سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليم، شهري سهڪار، پاڪ- آمريڪا ناتن ۽ علائقائي امن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پروفيسر احسن اقبال ميئر کي تعليم، مساوات ۽ سماجي انصاف کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس خدمتن تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ لاهور ۽ شڪاگو وچ ۾ سسٽرسٽيز ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ تعليمي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ميئر کي شڪاگو جي يونيورسٽين سان پاڪستان جي نئين تعيلمي ڀائيوارين کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ ۽ ايران- آمريڪا ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ پنهنجو هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان موقعي تي ميئر برينڊن جانسن خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پاڪستان ۽ آمريڪي يونيورسٽين وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي. هن احسن اقبال جي دعوت قبول ڪندي ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان ۽ لاهور جي دؤري ۾ گهري دلچسپي جو به اظهار ڪيو.

مزید خبریں