گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي مڪمل پاسداري سان اي آءِ نظام تيار ۽ لاڳو ڪيا وڃن: شزه فاطمه خواجه

جنيوا- 07 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو نظام عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مڪمل پاسداريءَ سان تيار ۽ لاڳو ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته شهري ۽ سيڪيورٽي ٻنهي شعبن ۾ اثرائتي انساني نگرانيءَ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن هتي گلوبل ڊائلاگ آن آرٽيفيشل انٽيليجنس گورننس تحت محفوظ ۽ اعتماد …

جنيوا- 07 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته مصنوعي ذهانت جو نظام عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مڪمل پاسداريءَ سان تيار ۽ لاڳو ڪرڻ گهرجن، جڏهن ته شهري ۽ سيڪيورٽي ٻنهي شعبن ۾ اثرائتي انساني نگرانيءَ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن هتي گلوبل ڊائلاگ آن آرٽيفيشل انٽيليجنس گورننس تحت محفوظ ۽ اعتماد جوڳي مصنوعي ذهانت جي طريقيڪار ۾ هم آهنگي ۽ هڪجهڙائي جي موضوع تي ٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته مصنوعي ذهانت جو محفوظ استعمال پوري دنيا جو گڏيل مفاد آهي، جڏهن ته ان جا حفاظتي اصول واضح ڪرڻ جو عمل شفاف، جامع ۽ سمورن ملڪن جي برابر نمائندگيءَ ٻَڌل هئڻ گهرجي. هن چيو ته هن وقت اعتماد جوڳي اي آءِ جو حفاظتي معيار ۽ پيمانا ڪجهه ملڪن ۽ وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جي قومي فريم ورڪس ذريعي ترتيب ڏنا پيا وڃن، جنهن سبب اُسرندڙ ملڪ ان عمل سان وڏي حد تائين ٻاهر رهجي ويا آهن. هن چيو ته تحفظ صرف هڪ فني معاملو ناهي پر ان جو تعلق زبان، ثقافت ۽ مقامي حقيقتن سان به آهي. جيڪڏهن اُسرندڙ ملڪن جي شموليت کانسواءِ معيار بڻايا ويا ته اهي اجتماعي اتفاق راءِ بدران ٻين تي مسلط ڪيل اصول بڻجي ويندا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي پليٽ فارم تحت جامع ۽ گهڻ رُخي مشاورت ذريعي اي آءِ جا عالمي حفاظتي اصول مرتب ڪرڻ جي حمايت ڪري ٿو ته جيئن سمورا ملڪ برابري جي بنياد تي ڀائيوار طور پنهنجي راءِ ڏئي سگهن. هن چيو ته پاڪستان گلوبل ڊجيٽل ڪمپيڪٽ جي ويزن موجب اي آءِ گورننس جي اهڙي نظام جي حمايت ڪري ٿو، جيڪو مختلف ملڪن جي ضابطه جاتي فريم ورڪ وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪري. سندس مطابق ان سان سرحد پار واپار، تحقيق ۽ ڊيٽا جي وهڪري کي هٿي ملندي جڏهن ته هر ملڪ پنهنجو ريگيوليٽري نظام برقرار رکي سگهندو، جڏهن ته هن خبردار ڪيو ته اها هم آهنگي ڪجهه ملڪن جي قانون ۽ ٻين تي لاڳو ڪرڻ جو ذريعو نه بڻجڻ گهرجي، پر مختلف نظامن وچ ۾ رابطي جو پُل ثابت هئڻ گهرجي. شزه فاطمه چيو ته مصنوعي ذهانت تي اعتماد ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن ملڪن وچ ۾ اي آءِ نظامن جي آزاداڻي جاچ، تجزيه ۽ تصديق جي صلاحيت موجود هجي. اي آءِ نظامن جي جاچ ۽ تصديق جي صلاحيت گهڻو ڪري انهن ملڪن ۾ موجود آهي، جتي اها ٽيڪنالاجي تيار ڪئي ويندي آهي. اُسرندڙ ملڪن مان اها اميد نٿي ڪري سگهجي ته هو پنهنجي تصديقي صلاحيت کان سواءِ صرف پرڏيهي خاطرين تي ڀاڙين. هن اُسرندڙ ملڪن ۾ اي آءِ جي جاچ ۽ گورننس جي صلاحيتن کي مضبوط بنائڻ لاءِ گڏيل ٽولز، فني سهڪار ۽ علائقائي ڀائيواري وڌائڻ تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته محفوظ ۽ اعتماد جوڳي مصنوعي ذهانت جو مطلب اهو نه هئڻ گهرجي ته تحفظ صرف ڪجهه ملڪن تائين محدود رهي، جڏهن ته باقي دنيا لاءِ اهو نظام غير شفاف هجي. هن عالمي ڀائيوارن ۽ اجلاس جي شريڪ سربراهن سان گڏجي مصنوعي ذهانت جي حڪمرانيءَ لاءِ هڪ جامع، شفاف ۽ پائيدار عالمي فريم ورڪ جي جوڙجڪ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں