سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2500 رپين جي گهٽتائي، في تولو 4 لک 34 هزار 936 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2500 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 34 هزار 936 رپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 500 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 34 هزار 9 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2143 …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2500 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 34 هزار 936 رپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 500 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 34 هزار 9 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2143 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 75 هزار 030 رپين مان گهٽجي 3 لک 72 هزار 887 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 46 هزار 541 رپين مان گهٽجي 3 لک 41 هزار 825 رپيا ٿي وئي.آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 120 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6559 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 103 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5623 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4150 ڊالرز مان گهٽجي 4125 ڊالرز ٿي وئي.

مزید خبریں