قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران زيارت ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملي جي مذمت، 9 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، زيارت ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي 9 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته زيارت ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملو ملڪ دشمن عنصرن جي ناپاڪ سازش آهي، دهشتگرد عنصر پنهنجي ناپاڪ …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، زيارت ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي 9 پوليس اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن شهيد پوليس اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته زيارت ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملو ملڪ دشمن عنصرن جي ناپاڪ سازش آهي، دهشتگرد عنصر پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون قوم جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون. پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي بهادري ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ امن، استحڪام ۽ قانون جي بالادستي خلاف هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته قوم پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. سردار اياز صادق، شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مزید خبریں