وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پاران زيارت ۾ پوليس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، زيارت ۾ پوليس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته وطن جي بهادر سپوتن فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري قرباني ۽ بهادري جي عظيم مثال قائم ڪيو. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، زيارت ۾ پوليس اهلڪارن تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته وطن جي بهادر سپوتن فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري قرباني ۽ بهادري جي عظيم مثال قائم ڪيو. اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه ڏينديون، قوم پنهنجي هيروز جي جرئت ۽ وفاداري کي هميشه ياد رکندي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ آهي، الله تعالي شهيدن جي درجن جي بلندي فرماءِ ۽ پوئينرن کي صبر عطا ڪري.

مزید خبریں