اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.82 ڊالر جي واڌ کان پوءِ 69.37 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.88 ڊالر جي واڌ کان پوءِ 72.87 ڊالر في بيرل …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ، سون جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ۽ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ جو رجحان رهيو. بلومبرگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئٽ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.82 ڊالر جي واڌ کان پوءِ 69.37 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ ڪروڊ تحت ڪچي تيل جي مستقبل جا سودا 0.88 ڊالر جي واڌ کان پوءِ 72.87 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي قيمت 24.10 ڊالر جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 4143.40 ڊالر في اونس ۽ چانديءَ جي قيمت 0.82 ڊالر جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 61.51 ڊالر في اونس رهي. مڪئي جي قيمت مستحڪم رهي جڏهن ته ڪڻڪ جي قيمت 2 ڊالر جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 612 ڊالر في بشل رڪارڊ ڪئي وئي. ڪپهه جي قيمت ۾ به واڌ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو.










