اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 36 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 57 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 49 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 49 هزار …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 36 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 57 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 49 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 49 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 11 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 11 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 31 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 13 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 67 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 37 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 52 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 11 هزار 400 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 7 هزار 300 ۽ هيٺانهون وهڪرو 51 هزار 800 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 34 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو ٻڙي ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1484.20 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.256 ملين ايڪڙ فٽ، جڏهن ته منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1166.85 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.428 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. ساڳئي طرح چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 647.60 فٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.240 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










