راولپنڊي - 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پاڻي حقن، قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو، ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي بابت هڪطرفا قدم عالمي قانون، معاهداتي ذميوارين ۽ گڏيل عالمي پاڻي گذرگاهن بابت اصولن جي واضح خلاف ورزي آهن جن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو …
پاڪستان پنهنجي پاڻي حقن، قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو: بئريسٽر دانيال چوڌري

مزید خبریں
راولپنڊي – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي پاڻي حقن، قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو، ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي بابت هڪطرفا قدم عالمي قانون، معاهداتي ذميوارين ۽ گڏيل عالمي پاڻي گذرگاهن بابت اصولن جي واضح خلاف ورزي آهن جن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي. پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته سنڌ طاس معاهدو قانوني طور تي موثر عالمي معاهدو آهي جنهن کي ڪا به ڌر هڪطرفي طور تي معطل يا غيرموثر نه بڻائي سگهي. هن چيو ته معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش نه رڳو پاڪستان جي 24 ڪروڙ کان وڌيڪ عوام جي پاڻي سلامتي پر عالمي معاهداتي نظام جي ساک جي لاءِ پڻ خطرو آهي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري واضح ڪيو ته پاڻي پاڪستان جي لاءِ بنيادي قومي سلامتي جو معاملو آهي ۽ سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان جي حصي جي پاڻي کي روڪن، موڙڻ يا ان کي دٻاءُ جي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي پاڪستان پنهنجي قومي سلامتي جي خلاف انتهائي سنگين قدم تصور ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جو موقف بلڪل واضح آهي ته پاڪستان جي جائز پاڻي حق کي سلب ڪرڻ يا پاڻي روڪڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي “جنگ جو قدم” تصور ڪيو ويندو. پاڪستان پنهنجي قومي مفادن، خودمختياري ۽ عوام جي حقن جي تحفظ جي لاءِ عالمي قانون تحت دستياب سمورا سفارتي، سياسي ۽ قانوني ذريعا استعمال ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان امن، ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل قومن جي منشور موجب تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو جڏهن ته امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت، پارليامينٽ، هٿياربند فوج ۽ پوري قوم پاڪستان جي پاڻي حقن جي تحفظ جي معاملي تي متحد آهي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري عوامي جمهوريه چين جي ان اصولي موقف جي پڻ آجيان ڪئي جنهن ۾ عالمي قانون، معاهداتي ذميوارين جي احترام ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي تڪرارن جي حل تي زور ڏنو ويو آهي. هن گڏيل قومن، دوست ملڪن، عالمي مالياتي ادارن ۽ سنڌ طاس معاهدي سان واڳيل سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته اهي معاهدي جي سالميت برقرار رکڻ ۽ عالمي قانونن جي احترام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪن. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان پنهنجي جائز پاڻي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا سفارتي، سياسي ۽ قانوني ذريعا استعمال ڪندو رهندو ڇو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن رڳو عالمي قانون جي احترام، معاهدن تي عملدرآمد ۽ بامعنى ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ئي ممڪن آهي.











