وفاقي گهرو وزير پاران حوالدار لالڪ جان جي يوم شهادت تي زبردست خراج عقيدت پيش

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نشان حيدر ماڻيندڙ بهادر جوان حوالدار لالڪ جان شهيد جي يوم شهادت تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حوالدار لالڪ جان وطن جي دفاع لاءِ شجاعت ۽ بهادري جو اهو لازوال داستان رقم ڪيو جنهن تي سڄي قوم کي قيامت تائين فخر رهندو. هڪ بيان ۾ محسن نقوي شهيد جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ڪارگل جي محاذ تي حوالدار لالڪ جان پنهنجي جان جو …

اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي نشان حيدر ماڻيندڙ بهادر جوان حوالدار لالڪ جان شهيد جي يوم شهادت تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته حوالدار لالڪ جان وطن جي دفاع لاءِ شجاعت ۽ بهادري جو اهو لازوال داستان رقم ڪيو جنهن تي سڄي قوم کي قيامت تائين فخر رهندو. هڪ بيان ۾ محسن نقوي شهيد جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ڪارگل جي محاذ تي حوالدار لالڪ جان پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري دشمن جي ناپاڪ عزم کي خاڪ ۾ ملايو اڳين مورچن تي وڃي ڪري دشمن جي سامهون ثابت قدم رهيو ۽ غير معمولي همٿ ۽ حب الوطني جو اعليٰ ترين مثال قائم ڪيو. هن چيو ته شهيد جو موت قوم جي حيات آهي. حوالدار لالڪ جان جهڙا هيرو هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندا. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حوالدار لالڪ جان ۽ ملڪ جا ٻيا شهيد اسان جو شان ۽ پاڪستان جا حقيقي محافظ آهن. ملڪ خاطر جان ڏيندڙ بهادر جوانن جون قربانيون اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ ملڪ جي امن، خودمختياري لاءِ ڏنل قربانين جو قرض ڪڏهن به نٿو لاهي سگهجي. نشان حيدر جو اهو عظيم وارث پاڪستان جي عسڪري وقار، قومي خودمختياري ۽ استحڪام جي علامت آهي. محسن نقوي حوالدار لالڪ جان شهيد ۽ ملڪ جي سمورن شهيدن جي خاندانن کي دل جي گهرائي سان سلام پيش ڪيو. هن ورجايو ته پاڪستان جي اهڙي بهادر سپوت جي شجاعت جو داستان قيامت تائين قوم جو فخر ۽ اسان جي تاريخ جو هڪ مثال رهندو.

مزید خبریں