اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حوالدار لالڪ جان شهيد (نشانِ حيدر) کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم پاڪستان جي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حوالدار لالڪ جان شهيد نشانِ حيدر جي شهادت جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪارگل ويڙهه ۾ حوالدار …
وزيراعظم پاران حوالدار لالڪ جان شهيد (نشانِ حيدر) کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حوالدار لالڪ جان شهيد (نشانِ حيدر) کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته قوم پاڪستان جي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حوالدار لالڪ جان شهيد نشانِ حيدر جي شهادت جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪارگل ويڙهه ۾ حوالدار لالڪ جان جي بهادري ۽ دليري ۽ مُلڪ جي دفاع لاءِ ڏنل عظيم قرباني پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته سخت زخمي ٿيڻ باوجود دشمن جي سامهون ڄمي بيهڻ سندس بي مثال حب الوطني جي جذبي جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته قوم پنهنجي هن عظيم سپُوت سڀني شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.











