پ پ جي اڳواڻ فريال ٽالپر جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر سومر تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو. بي آءِ ايس پي جي ترجمان موجب بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ سيڪريٽري بي آءِ ايس پي عامر علي احمد سندس آجيان ڪئي. بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر علي احمد، فريال ٽالپر کي بي آءِ ايس …

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر سومر تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو. بي آءِ ايس پي جي ترجمان موجب بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد ۽ سيڪريٽري بي آءِ ايس پي عامر علي احمد سندس آجيان ڪئي. بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري عامر علي احمد، فريال ٽالپر کي بي آءِ ايس پي جي مجموعي اڳڀرائي، اهم سڌارن، نئين ڊجيٽل ادائگي جي نظام ۽ سڄي پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۾ پروگرام جي ڪردار تي تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ته حڪومت هلندڙ مالي سال لاءِ بي آءِ ايس پي لاءِ 838 ارب رپيا رکيا آهن. بينظير ڪفالت پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 3 لک حقدار خاندانن کي هر ٽه ماهي 14500 رپيا مالي معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي. بينظير تعليمي وظيفن واري پروگرام ذريعي هڪ ڪروڙ 24 لک ٻارن جي تعليم ۾ معاونت ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بينظير واڌ ويجهه پروگرام تحت تقريبن 20 لک عورتن ۽ ٻارن کي غذائي معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي. کيس وڌيڪ ٻُڌايو ويو ته حقدارن جي ادائگين جي نظام ۾ شفافيت، سهولت ۽ وقار کي يقيني بنائڻ لاءِ 97 لک ڊجيٽل سوشل پروٽيڪشن والٽس کوليا ويا آهن ۽ موجوده قسط جي ادائگي ان ڊجيٽل والٽس ذريعي ڪئي پئي وڃي. فريال ٽالپر کي بينظير هنرمند پروگرام جي باري ۾ پڻ بريفنگ ڏني وئي، جنهن تحت بي آءِ ايس پي مان لاڀ پرائيندڙ خاندانن ۽ انهن جي ڪٽنبن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مفت فني پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري ورلڊ بئنڪ جي هاڻوڪي تحقيق جا نتيجا به پيش ڪيا، جنهن موجب بي آءِ ايس پي هڪ ڪروڙ 2 لک کان وڌيڪ خاندانن جي معاونت ڪري رهي آهي جيڪا ملڪ جي تقريبن 24 سيڪڙو گهراڻن تي ٻَڌل آهي. تحقيق موجب بي آءِ ايس پي ذريعي  ڏنل هر هڪ رپئي بدلي گهريلو آمدنيءَ ۾ 2.34 رپيا اضافو ٿئي ٿو. وڌيڪ هي ته بي آءِ ايس پي سبب پيدا ٿيل معاشي سرگرميون 16 لک 60 هزار ملازمتن کي سهارو ڏين ٿيون ۽ قومي خزاني ۾ ساليانو تقريبن 174 ارب رپين جو معاشي فائدو پهچائين ٿيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي فريال ٽالپر بي آءِ ايس پي جي شفافيت، خدمتن جي فراهمي، مالي شموليت ۽ ڊجيٽل تبديلي لاءِ ڪيل سڌارن کي ساراهيو. هن غربت ۾ گهٽتائي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انساني وسيلن جي ترقيءَ ۾ بي آءِ ايس پي جي ڪردار کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شفافيت کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، عوامي آگاهيءَ ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ حقدارن لاءِ خدمتن تائين رسائيءَ کي وڌيڪ آسان، مؤثر ۽ سولو بڻايو وڃي.

مزید خبریں