اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغز جمهوريه جي صدر سادير زاپاروف سان گڏ ڪرغزستان پهچڻ جي فوري پوءِ چولپون – آتا ۾ موجود روح اوردو ثقافتي مرڪز جو دورو ڪيو. دوري دوران صدر آصف علي زرداري کي روح اوردو ثقافتي مرڪز جي اهميت بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن کي ڪرغز جمهوريه جي شاندار ثقافتي وراثت، تاريخ ۽ روايتن جي هڪ اهم علامت قرار …
صدر آصف علي زرداري جو ڪرغز جمهوريه جي صدر سان گڏ ڪرغزستان پهچڻ جي فوري پوءِ چولپون – آتا ۾ موجود روح اوردو ثقافتي مرڪز جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغز جمهوريه جي صدر سادير زاپاروف سان گڏ ڪرغزستان پهچڻ جي فوري پوءِ چولپون – آتا ۾ موجود روح اوردو ثقافتي مرڪز جو دورو ڪيو. دوري دوران صدر آصف علي زرداري کي روح اوردو ثقافتي مرڪز جي اهميت بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن کي ڪرغز جمهوريه جي شاندار ثقافتي وراثت، تاريخ ۽ روايتن جي هڪ اهم علامت قرار ڏنو وڃي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي صدرن ثقافتي مرڪز جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ذريعي قومن جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ ڪرغزستان جي روايتي ثقافتي پرفارمنس پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ملڪ جي دلڪش لوڪ موسيقي، روايتي رقص ۽ فنون لطيفه جي جهلڪ نمايان هئي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ڪرغز حڪومت ۽ عوام جا ٿورا ادا ڪيا ۽ ڪرغز عوام جي ڀرپور ثقافتي روايتن کي ساراهيو. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو ويو جنهن دوران پاڪستان ۽ ان جي عوام جي نالي روايتي ڪرغز موسيقي جون خصوصي ڌُنون پيش ڪيون ويون. اها تقريب ميزبان ملڪ جي گرمجوش ميزباني ۽ پاڪستان ۽ ڪرغز جمهوريه جي وچ ۾ پراڻي دوستي جي عڪاس هئي.









