سالياني ڊجيٽل مالياتي ڏي وٺ جو انگ 6.9 ارب کان وڌي 11.3 ارب، ڊجيٽل ادائگيون قبول ڪندڙ مرچنٽس جو انگ 5 لک کان وڌي 20 لکن تائين پهچي ويو آهي: بلال اظهر ڪياني

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته راست پروگرام ذريعي ملڪ ۾ سالياني ڊجيٽل مالياتي ڏي وٺ جو انگ 6.9 ارب کان وڌي 11.3 ارب ۽ ڊجيٽل ادائگيون قبول ڪندڙ مرچنٽس جو انگ 20 لکن کان وڌي ويو آهي، پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت طرفان منتقلي جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ موجوده اڳڀرائيءَ کي برقرار رکڻ ضروري آهي. …

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته راست پروگرام ذريعي ملڪ ۾ سالياني ڊجيٽل مالياتي ڏي وٺ جو انگ 6.9 ارب کان وڌي 11.3 ارب ۽ ڊجيٽل ادائگيون قبول ڪندڙ مرچنٽس جو انگ 20 لکن کان وڌي ويو آهي، پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت طرفان منتقلي جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ موجوده اڳڀرائيءَ کي برقرار رکڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه سومر تي ڪيش ليس پاڪستان قدمن جي پهرين سال دوران ٿيل نمايان ڪاميابين جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد جائزه اجلاس ۾ چئي. جائزه اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته ملڪ ۾ سالياني ڊجيٽل مالياتي ڏي وٺ جو انگ 6.9 ارب کان وڌي 11.3 ارب ۽ ڊجيٽل ادائگيون قبول ڪندڙ مرچنٽس جو انگ 20 کان وڌي ويو آهي. هي اڳڀرائي حڪومت جي راست ڪيو آر ڪوڊ قدمن سبب ممڪن ٿي. ان عرصي ۾ ڊجيٽل بئنڪاري استعمال ڪندڙ صارفين جو انگ وڌي 13 ڪروڙ 50 لک کان وڌي ويو آهي. ڪيش ليس پاڪستان پروگرام جون 2025ع ۾ وزيراعظم جي سڌيءَ نگرانيءَ هيٺ شروع ڪيو ويو هو جنهن جا ٽي بنيادي مقصد عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ، مالياتي نظام ۾ شفافيت کي هٿي يڏڻ ۽ ڊجيٽل ادائگين ذريعي معيشت کي وڌ کان وڌ دستاويزي شڪل ڏنل آهي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته ڪيش ليس پاڪستان ڪميٽي تحت 3 ذيلي ڪميٽيون وزيراعظم جي هدايت تي عملدرآمد جون ذميدار آهن. ان ۾ ڊجيٽل ادائگيون، جدت کي هٿي وٺرائڻ بابت ذيلي ڪميٽي جي سربراهي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر ڪري رهيو آهي، ڊجيٽل سرڪاري ڍانچي بابت ڪميٽيءَ جي سربراهي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير ڪري رهي آهي جڏهن ته سرڪاري ادائگين جي ڊجيٽلائزيشن بابت ڪميٽي جي سربراهه ناڻي وارو سيڪريٽري ڪري رهيو آهي. بلال اظهر ڪياني چيو ته مالياتي شموليت ۾ به همٿائيندڙ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ان جو شرح وڌي 69 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. عورتن ۽ مردن وچ ۾ مالياتي رسائيءَ جو فرق به مختلف هدفي قدمن سبب مسلسل گهٽ ٿي رهيو آهي. هن سرڪاري شعبي ۾ ڊجيٽلائزيشن جي حوالي سان ٿيل اڳڀرائيءَ جو پڻ جائزو ورتو ۽ اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح جي 25 اهم سرڪاري ادارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جن کي ڊسمبر 2026ع تائين راست پليٽ فارم ذريعي مڪمل طور ڊجيٽل نظام تي منتقل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. مملڪتي وزير حڪومت طرفان شهرين کي ڪيل ادائگين جي ڊجيٽلائزيشن تي به اطمينان جو اظهار ڪندي ٻُڌايو ته مرڪزي ۽ خودمختيار مالياتي نظام رکندڙ سرڪاري ادارن ۾ تقريبن 75 سيڪڙو ادائگيون هاڻ ڊجيٽل ذريعن سان قبول ڪيون پيون وڃن. بلال اظهر ڪياني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت طرف منتقليءَ جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ موجوده اڳڀرائيءَ کي برقرار رکڻ ضروري آهي ۽ هن ان عزم کي ورجايو ته حڪومت ريگيوليٽري ادارن، مالياتي ادارن، فن ٽيڪ ڪمپنين ۽ نجي شعبي سان ويجهو تعاون جاري رکندي ڊجيٽل ادائگين کي هٿي ڏيڻ، مالي شموليت ۾ واڌ ۽ شفاف ۽ دستاويزي معيشت جي قيام لاءِ عملي قدم جاري رکندي. هن چيو ته عوامي وسيلن جي مؤثر ۽ شفاف استعمال کي يقيني بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته حاصل ٿيل نتيجن جي آزاداڻي نموني تصديق ڪرائي وڃي. رپورٽنگ جي نظام ۾ موجود خامين کي دُور ڪيو وڃي ۽ انگن اکرن جي شمار ۾ ڪنهن به قسم جي تڪرار جو خاتمو ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ حڪومت هڪ آزاد ٿرڊ پارٽيءَ جون خدمتون حاصل ڪيون آهن جنهن اڳڀرائيءَ جو غير جانبداراڻو جائزو وٺڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن شفافيت کي يقيني بنائي سگهجي. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر، ڪنٽرول جنرل آف اڪائونٽس، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، نادرا، راست پيمنٽس پاڪستان، پاڪستان بئنڪنگ ايسوسيئيشن، بئنڪ الفلاح، ايزي پئسا ڊجيٽل بئنڪ، جاز، ڪار انداز پاڪستان، وزيراعظم آفيس ۽ ارنسٽ اينڊ ينگ جي سينيئر عملدارن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں