اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) 6 کان 10 جولاءِ تائين لاءِ درياهن ۾ پاڻي جي وهڪري جي صورتحال جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. شهري صورتحال، امڪاني خطرن ۽ حفاظتي تدبيرن لاءِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ موبائل ايپ کان راهنمائي حاصل ڪن. سومر ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري …
اين ڊي ايم اي جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر پاران 6 کان 10 جولاءِ تائين لاءِ درياهن ۾ پاڻي جي وهڪري جي صورتحال جي حوالي سان الرٽ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) 6 کان 10 جولاءِ تائين لاءِ درياهن ۾ پاڻي جي وهڪري جي صورتحال جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. شهري صورتحال، امڪاني خطرن ۽ حفاظتي تدبيرن لاءِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ موبائل ايپ کان راهنمائي حاصل ڪن. سومر ڏينهن اين ڊي ايم اي مان جاري بيان مطابق اين اي او سي سمورن امڪاني خطرن جي اڳواٽ اطلاع ۽ لاڳاپيل ادارن تائين بروقت معلومات جي فراهمي يقيني بڻائي رهيو آهي. موجوده موسمي صورتحال اين اي او سي جي جاري موسمي جائزه جي عين مطابق آهي، ٻئي سانوڻي اسپيل ۽ اولهه واري هوائن جي سلسلي سبب 6 کان 10 جولاءِ دوران اتر ۽ اتر اوڀر علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. امڪاني برساتن سبب جابلو ندي نالن، برساتي آبي گذرگاهن ۽ درياهن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اوچتو اضافي جو خدشو آهي. گلگت بلتستان ۾ درياهن ۽ مقامي ندي نالن ۾ چاڙهه جو خدشو آهي. خيبر پختونخوا ۾ درياهن ۽ مقامي ندي نالن ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي جو امڪان آهي. آزاد ڪشمير ۾ نيلم، پونچ، جهلم درياهن ۽ ان جي مددگار ندي نالن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ نمايان اضافو متوقع آهي. اتر اوڀر پنجاب جي نالن جڏهن ڊيره غازي خان جي جابلو برساتي نالن ۾ مقامي ٻوڏ جو امڪان آهي.بلوچستان ۾ زوب، ڪنگري درياهن ۽ بارکان، لورالائي، مستونگ ۽ قلات جي برساتي ندي نالن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافي جو خدشو آهي. ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سوات درياهه ۽ ٻين مددگار وهڪرن ۾ پاڻي جي واڌ جو امڪان آهي. ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ هيٺئين درجي جي ٻوڏ جو امڪان، پاڻي جو وهڪرو 70 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي سگهي ٿو. سنڌو درياهه ۾ تربيلا ڊيم جي مٿانهين علائقن ۾ هيٺئين درجي جي ٻوڏ جو امڪان، پاڻي جو وهڪرو 2 لک 70 هزار ڪيوسڪ تائين جو امڪان آهي. چناب درياهه جي مراله، خانڪي ۽ قادر آباد جي هنڌن تي هيٺئين درجي جي ٻوڏ جو امڪان آهي. پير پنجال رينج کان ايندڙ سرحد پار ندي نالن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ نمايان اضافي جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ، هنگامي انتظام مڪمل رکڻ ۽ حساس علائقن جي مسلسل نگراني يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، ندي نالن ۽ برساتي گذرگاهن کي عبور ڪرڻ کان احتياظ ڪن۽ مقامي انتظاميه جي هدايتن تي عمل ڪن. شهري تازه ترين موسمي صورتحال، امڪاني خطرن ۽ حفاظتي تدبيرن لاءِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ موبائل ايپ کان رهنمائي حاصل ڪن.










