اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدليه جي سڌارا جاتي ايجنڊا جو مقصد هڪ اهڙو انصاف وارو نظام جوڙڻ آهي جيڪو عوام دوست، شفاف، جديد ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ۽ مؤثر هجي جيڪو وقت سر عوام کي آسان انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي سگهي ۽ عدليه تي عوامي اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿئي. هن اها ڳالهه سومر تي …
عوام دوست، شفاف ۽ ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ عدالتي نظام سڌارا جاتي ترجيحن ۾ شامل آهي: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدليه جي سڌارا جاتي ايجنڊا جو مقصد هڪ اهڙو انصاف وارو نظام جوڙڻ آهي جيڪو عوام دوست، شفاف، جديد ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ۽ مؤثر هجي جيڪو وقت سر عوام کي آسان انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي سگهي ۽ عدليه تي عوامي اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿئي. هن اها ڳالهه سومر تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ حڪومت جي نوجوانن واري يوٿ اُڏام پروگرام تحت اُڏام اوورسيز پاڪستانيز سمر اسڪالرز پروگرام 2026ع جي وفد سان ملاقات دوران چئي. ان پروگرام جو مقصد پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني نوجوانن کي پاڪستان جي آئيني ادارن، حڪمراني جي نظام، قومي پاليسي سازي ۽ ترقياتي ترجيحن کان آگاهه ڪرڻ آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي وفد کي پاڪستان جي عدالتي نظام جي ڍانچي کان آگاهه ڪندي چيو ته ضلعي عدليه انصاف جي فراهميءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ عوام جي وڏي تعداد کي سڌيءَ ريت انصاف فراهم ڪري ٿي. هن نيشنل جوڊيشل ڪميٽي (اين جي پي ايم سي) جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ ٻُڌايو ته هي فورم سڄي ملڪ ۾ عدالتي سڌارن ۽ انصاف جي شعبي ۾ ادارا جاتي هم آهنگيءَ کي هٿي ڏئي رهيو آهي. چيف جسٽس عدليه جي جاري سڌارا جاتي قدمن جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته ڊجيٽل ڪورٽ سروسز، نيشنل جوڊيشل ايناليٽڪس ڊيش بورڊ، پبلڪ فيسليٽيشن سينٽر، اوورسيز لٽيگنٽس فيسيليٽيشن سيل، هيلپ لائن 1818 ۽ ٻين سهولتن ذريعي عدالتي خدمتن کي وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ عوام دوست بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته عدليه جينڊر ريسپانسو جسٽس انيشيئيٽو (27-2026ع) ذريعي عورتن ۽ ٻين ڪمزور طبقن کي انصاف تائين رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته ايڪسيس ٽو جسٽس ڊولپمينٽ فنڊ ذريعي عدالتي انفراسٽرڪچر، ڊجيٽل رابطن، تجديد جوڳي توانائي جي قابل ۽ عدالتي سگهه ۾ بهتري جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. بعد ۾ چيف جسٽس سمنڊ پار پاڪستاني نوجوانن سان گڏ سوالن ۽ جوابن جي ويهڪ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ آئيني حڪمراني، عدالتي سڌارن ۽ پاڪستان جي انصاف واري نظام جي مستقبل بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.









