عوامي مفادن ۾ ايراضي حاصل ڪرڻ رياست جو اختيار، پر مڪمل منصفاڻو ۽ حقيقي معاوضو ڏيڻ آئيني ذميواري آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پنهنجي هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته رياست عوامي مفادن ۾ ايراضي حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي جڏهن ته متاثر شهرين کي مڪمل، منصفاڻو ۽ حقيقي معاوضو ڏيڻ آئين تحت رياست جي لازمي ذميواري آهي. عدالت واضح ڪيو ته ايراضي جي قيمت جو تعين صرف سرڪاري ريٽ جي بنياد تي نه ٿو ڪري سگهجي پر مارڪيٽ ويليو، …

اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پنهنجي هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته رياست عوامي مفادن ۾ ايراضي حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي جڏهن ته متاثر شهرين کي مڪمل، منصفاڻو ۽ حقيقي معاوضو ڏيڻ آئين تحت رياست جي لازمي ذميواري آهي. عدالت واضح ڪيو ته ايراضي جي قيمت جو تعين صرف سرڪاري ريٽ جي بنياد تي نه ٿو ڪري سگهجي پر مارڪيٽ ويليو، زمين جي ممڪن استعمال ۽ مستقبل ۾ ان جي ترقي جي امڪانن کي به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس محمد علي مظهر صوابي ۾ ڍنڍ ٺاهڻ واري منصوبي لاءِ حاصل ڪيل ايراضي جي معاوضي بابت ڪيس ۾ 20 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ خيبر پختونخوا جي حڪومت جون سموريون سول اپيلون رد ڪندي پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ ريفرنس ڪورٽ جي فيصلن کي برقرار رکيو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن ايراضي حاصل ڪرڻ واري عمل ۾ غير معمولي دير هجي ته ان دوران زمين جي قيمت ۾ اضافي ۽ ناڻي واڌ جي اثرن کي به معاوضي جي تعين ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن متاثر شهري کي حقيقي مالي انصاف فراهم ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ان اصول کي به ورجايو ته ايراضي جي معاوضي جو اصول سون جي بدلي سون، ٽامو نه هئڻ گهرجي يعني زمين جي مالڪ کي اهڙو معاوضو ملڻ گهرجي جيڪو ان جي نقصان جو مڪمل ازالو ڪري سگهي. عدالت موجب زمين حاصل ڪرڻ جو مقصد جيتوڻيڪ عوامي مفاد  هوندو آهي پر ان مقصد  حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن شهري کي غير منصفاڻي مالي نقصان پهچائڻ آئين ۽ قانون جي روح کان انڪار آهي. ان لاءِ معاوضي جو تعين زمين جي اصل مارڪيٽ ويليو، ان جي نوعيت، مستقبل جي فائدن ۽ ٻين لاڳاپيل عملن کي سامهون رکي ڪرڻ گهرجي. ڪيس موجب صوابي ۾ ڍنڍ منصوبي لاءِ حاصل ڪيل ايراضي جا مالڪ سرڪاري طور تي مقرر ڪيل معاوضي کي ناڪافي قرار ڏيندي ريفرنس ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو.  ريفرنس ڪورٽ شاهدين جي بنياد تي معاوضي ۾ اضافو ڪيو جنهن کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ به برقرار رکيو. خيبر پختونخوا حڪومت ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ  ۾ چئلينج ڪيو جڏهن ته سپريم ڪورٽ حڪومت جي سمورن اعتراضن کي رد ڪندي اپيلون خارج ڪري ڇڏيون ۽ زمين مالڪن جي حق ۾ ڏنل فيصلن کي برقرار رکيو.