فوجداري ڪيسن ۾ سزا اندازن يا الزامن تي نه پر تديد نه ٿيڻ جوڳين شاهدين تي ئي ڏئي سگهجي ٿي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته فوجداري انصاف واري نظام ۾ ڪنهن به ملزم کي صرف اندازن يا الزامن يا مضبوط شڪ جي بنياد تي سزا نٿي ڏئي سگهجي پر استغاثه تي لازم آهي ته هو ڏوهه کي هر معقول شڪ کان مٿانهون ٿي قابلِ اعتماد ۽ ترديد نه ٿيڻ جوڳين شاهدين سان ثابت ڪري. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري فيصلي موجب جسٽس …

اسلام آباد-06 جولاءِ (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته فوجداري انصاف واري نظام ۾ ڪنهن به ملزم کي صرف اندازن يا الزامن يا مضبوط شڪ جي بنياد تي سزا نٿي ڏئي سگهجي پر استغاثه تي لازم آهي ته هو ڏوهه کي هر معقول شڪ کان مٿانهون ٿي قابلِ اعتماد ۽ ترديد نه ٿيڻ جوڳين شاهدين سان ثابت ڪري. رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري فيصلي موجب جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ بلديه ٽائون ڪراچي فيڪٽري کي باهه لڳڻ واري ڪيس ۾ 39 صفحن تي ٻَڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪندي محمد زبير عرف چريا ۽ عبدالرحمان عرف ڀولا کي بري ڪري ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو ته بلديه ٽائون فيڪٽري سانحو بيشڪ ملڪ جي تاريخ جي المناڪ ترين واقعن مان هڪ هو جنهن ۾ 264 قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ درجنين ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته اهڙن حساس ڪيسن ۾ به قانون تقاضا ڪري ٿو ته سزا صرف مضبوط ۽ قابلِ اعتماد ثبوتن جي بنياد تي ڏني وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو ته شروعاتي ايف آءِ آر ۾ فيڪٽري مالڪن ۽ انتظاميه کي حفاظتي انتظامن ۾ غفلت جو ذميدار قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته تقريبن اڍائي سالن کانپوءِ ڀتو نه ڏيڻ تي فيڪٽريءَ کي ڄاڻي واڻي باهه لڳائڻ جي نئين ڪهاڻي سامهون آئي جنهن کي استغاثه مضبوط شاهدين سان ثابت ڪري نه سگهيو. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته عبدالرحمان عرف ڀولا جو واپس ورتل عدالتي اعترافي ڏوهه ۽ آزاد ۽ مضبوط شاهدين مان ثابت نه ٿيو جڏهن ته ان جي گرفتاري جي 9 ڏينهن کانپوءِ رڪارڊ ڪيو ويو، ان دير ۾ ڪابه قبوليت جوڳي وضاحت پيش نه ڪئي وئي. عدالت وڌيڪ چيو ته فرانزڪ شاهدين مان اهو ثابت نه ٿيو ته فيڪٽريءَ ۾ باهه لڳائڻ لاءِ ڪنهن ڪيميڪل جو استعمال ڪيو ويو، اهڙيءَ طرح سانحي ۾ زخمي ٿيل گواهن به ملزمن خلاف سڌيءَ ريت بيان نه ڏنو، جڏهن ته فيڪٽريءَ ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي رڪارڊنگ به عدالت آڏو پيش نه ڪئي وئي، جيڪو استغاثه جي ڪيس ۾ هڪ اهم خال آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪنهن به سياسي پارٽي يا ڪنهن به طبقي کي عام طور الزامن يا مفروضن جي بنياد تي ڏوهي قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته فوجداري ڪيسن ۾ هر الزام جو ٺوس ثبوت قابلِ قبول ۽ قانوني معيار تي لهندڙ شاهدين سان فراهم ڪرڻ ضروري هوندو آهي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته استغاثه ملزمن خلاف ڪيس معقول شڪ کان مٿانهون ٿي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان ڪري قانون موجب ٻنهي ملزمن کي شڪ جو فائدو ڏيندي بري ڪيو وڃي ٿو.