اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين جي فيڪلٽي ميمبرن کان پاڪ فرانس پيريڊوٽ موبلٽي گرانٽ پروگرام (فيز -13) تحت گڏيل تحقيقي منصوبن لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. هي پروگرام پاڪستاني ۽ فرانس جي تحقيق ڪندڙن وچ ۾ سائنسي ۽ تحقيقي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ تحقيق ڪندڙن جي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. ايڇ اي سي …
ايڇ اي سي پاران يونيورسٽين جي فيڪلٽي ميمبرن کان گڏيل تحقيقي منصوبن لاءِ درخواستون طلب

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين جي فيڪلٽي ميمبرن کان پاڪ فرانس پيريڊوٽ موبلٽي گرانٽ پروگرام (فيز -13) تحت گڏيل تحقيقي منصوبن لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن. هي پروگرام پاڪستاني ۽ فرانس جي تحقيق ڪندڙن وچ ۾ سائنسي ۽ تحقيقي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ تحقيق ڪندڙن جي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. ايڇ اي سي موجب پروگرام تحت ان مرحلي ۾ 3 ترجيحي شعبن ۾ تحقيقي تجويزون طلب ڪيون ويون آهن جن ۾ صحت جو علم، پائيدار توانائي، زراعت ۽ غذائي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي معاشيات شامل آهي. ايڇ اي سي موجب درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر 2026ع شام 4 بجي مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته آن لائين درخواستن جي شروعات 6 جولاءِ 2026ع هوندي. درخواست گذارن لاءِ ضروري آهي ته هو ڪنهن فرانس جي فيڪلٽي ميمبر سان گڏيل تحقيقي تجويز تيار ڪن ۽ ان کي فرانس ڪيمپس ۾ جمع ڪرائڻ ايڇ اي سي ۾ درخواست ڏيڻ لاءِ لازمي شرط آهي.









