اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2400 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 37 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 400 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 37 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2058 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2400 رپين جي في تولو گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2400 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 37 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 400 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 37 هزار 4 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2058 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 77 هزار 088 رپين مان گهٽجي 3 لک 75 هزار 030 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 43 هزار 790 رپين مان گهٽجي 3 لک 46 هزار 541 رپيا ٿي وئي.آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 37 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6679 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 31 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5726 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4174 ڊالرز مان گهٽجي 4150 ڊالرز ٿي وئي.










