اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي دعوت تي ڪرغزستان جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب گذريل 21 سالن ۾ ڪنهن پاڪستاني صدر جو ڪرغزستان جو پهريون دورو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. …
صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي دعوت تي ڪرغزستان جي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب گذريل 21 سالن ۾ ڪنهن پاڪستاني صدر جو ڪرغزستان جو پهريون دورو آهي جيڪو ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. دوري دوران صدر آصف علي زرداري جي صدر صادر زپاروف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.










