وزيراعظم پاران پروٽيڪٽريٽ آف اميگريشن جي سموري نظام کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ ۽ پاڪستاني سفارتخانن کي ٻاهرئين ملڪ روزگار جي موقعن کان آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پروٽيڪٽريٽ آف اميگريشن جي سموري نظام کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ ۽ پاڪستاني سفارتخانن کي ٻاهرئين ملڪ روزگار جي موقعن کان آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي افرادي قوت باصلاحيت آهي، حڪومت عالمي معيار جي تعليم ۽ عالمي سطح تي پهچ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم …

اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پروٽيڪٽريٽ آف اميگريشن جي سموري نظام کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ ۽ پاڪستاني سفارتخانن کي ٻاهرئين ملڪ روزگار جي موقعن کان آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي افرادي قوت باصلاحيت آهي، حڪومت عالمي معيار جي تعليم ۽ عالمي سطح تي پهچ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نوجوانن کي روزگار مهيا ڪرڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس سومر ڏينهن ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، چوڌري سالڪ حسين، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، نيوٽيڪ جي چيئرمين راجا قمرالاسلام، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ روزگار جي موقعن جي ڳولا ۾ تيزي آڻڻ، پروٽيڪٽريٽ آف اميگريشن جي سموري نظام کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ ۽ افرادي قوت خاص طور تي نوجوانن کي سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت، نيوٽيڪ ۽ يوٿ پروگرام هنر ۽ مختلف زبانن جي سرٽيفڪيشنز سميت ڪورسز کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي افرادي قوت باصلاحيت آهي، عالمي معيار جي تعليم ۽ عالمي سطح تي پهچ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. هن پاڪستاني سفارتخانن کي ٻاهرئين ملڪ ميسر روزگار جي موقعن کان آگاهي ۽ ڊيٽا جي فراهمي جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستاني سرٽيفڪيشنز کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ سمورا ادارا مختلف ملڪن سان رابطا مضبوط ڪن. هن چيو ته جن ملڪن ۾ پاڪستاني هنرمند ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا ميسر آهن، انهن جي زبان جي تعليم بمه سرٽيفڪيشنز يقيني بڻائي وڃي. هن نيوٽيڪ تحت ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ ڪنٽري آف ڊيسٽينيشن سينٽرز قائم ڪرڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم کي افرادي قوت خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ روزگار جي موقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل يوٿ حب ۾ 8 لک نوجوان رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، ٻاهرئين ملڪ تعميرات، زراعت، سياحت، صحت، ٽرانسپورٽ، بائيو ٽيڪنالاجي، مينوفيڪچرنگ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، نرسنگ، دوسازي، کاڌي پيتي جي شين جي تياري ۽ شپ بلڊنگ جي شعبن ۾ روزگار جا موقعا موجود آهن. بريفنگ موجب انهن شعبن ۾ پاڪستانين کي روزگار فراهم ڪرڻ جي لاءِ تربيتي پروگرام جاري آهن، پاڪستاني سفارتخانا مختلف ملڪن ۾ ميسر روزگار جي موقعن ۽ انهن جي لاءِ گهربل قابليت ڊيجيٽل يوٿ حب پورٽل تي فراهم ڪندا.

مزید خبریں