اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ايڪواڊور جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ماريا فرنانڊا ايسپينوسا جي ملاقات

اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ايڪواڊور جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ماريا فرنانڊا ايسپينوسا سومر ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايسپينوسا جي آجيان ڪندي گهڻ رخي تعاون جي فروغ ۽ عالمي معاملن ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار کي وڌيڪ …

اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي جي اميدوار ايڪواڊور جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ماريا فرنانڊا ايسپينوسا سومر ڏينهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايسپينوسا جي آجيان ڪندي گهڻ رخي تعاون جي فروغ ۽ عالمي معاملن ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. سومر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومن جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل اداري ۾ انتهائي ضروري سڌارا متعارف ڪرائيندو ۽ سلامتي ڪائونسل جي پراڻي قراردادن خاص طور تي فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت قراردادن تي موثر عملدرآمد يقيني بڻائيندو جيڪي وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ انتهائي اهم آهن. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي فروغ، عالمي قانون ۽ معاهدن جي احترام نيز عالمي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ فعال عالمي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.

مزید خبریں