اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) جي 27هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته حوالدار لالڪ جان مادر وطن جي دفاع لاءِ ڪارگل ستيه تي پنهنجي پوسٽ جو دفاع ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران سومر ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته حوالدار لالڪ …
حوالدار لالڪ جان شهيد مادر وطن جي دفاع لاءِ ڪارگل پوسٽ جو دفاع ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق حوالدار لالڪ جان شهيد (نشان حيدر) جي 27هين ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته حوالدار لالڪ جان مادر وطن جي دفاع لاءِ ڪارگل ستيه تي پنهنجي پوسٽ جو دفاع ڪندي جان جو نذرانو پيش ڪيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران سومر ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد فرض شناسي ۽ بي مثال جرئت جو لازوال داستان رقم ڪيو جيڪو قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. سردار اياز صادق چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد 7 جولاءِ 1999ع تي ڪارگل جنگ دوران دشمن جي مسلسل حملن جو انتهائي بهادري، استقامت ۽ پيشيواراڻي مهارت سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي. هن چيو ته شديد گولا باري ۽ انتهائي ڏکين حالتن باوجود حوالدار لالڪ جان شهيد پنهنجي پوسٽ جو آخري دم تائين دفاع ڪيو ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. اسپيڪر چيو ته ڪارگل جا جبل اڄ به حوالدار لالڪ جان شهيد جي بهادري ۽ جرئت جي شاهدي ڏين ٿا. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن هميشه قومي خودمختياري، آزادي ۽ سرحدن جي تحفظ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. سردار اياز صادق چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ انهن جي خاندانن جي صبر، استقامت ۽ قربانين کي قدر ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون قومي اتحاد، استحڪام ۽ وطن جي دفاع جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون. هن چيو ته قوم پنهنجي محافطن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن الله تعاليٰ کان حوالدار لالڪ جان شهيد جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه حوالدار لالڪ جان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ان جي جرئت، فرض شناسي ۽ وطن سان پختي وفاداري ايندڙ نسلن لاءِ روشن مثال آهي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين جي امين آهي ۽ انهن جي عظيم ڪارنامن کي هميشه عزت، احترام ۽ فخر سان ياد رکندي. هن چيو ته شهيدن جي لازوال قربانيون اسان جي قومي سلامتي، آزادي ۽ خودمختياري جو مضبوط بنياد آهن. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته حوالدار لالڪ جان شهيد جي درجن کي بلند فرمائي ۽ پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ سلامتي جو گهوارو بڻائي.










