سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان وٽ پاڻي تان هٿ نه کڻڻ وارو حق حاصل آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان وٽ پاڻي تان هٿ نه کڻڻ وارو حق حاصل آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڻي اسان جي بقاءَ آهي جنهن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪنداسين. هن چيو ته ڀارت …

اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان وٽ پاڻي تان هٿ نه کڻڻ وارو حق حاصل آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم “ايڪس” تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڻي اسان جي بقاءَ آهي جنهن جو هر صورت ۾ تحفظ ڪنداسين. هن چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جي ناڪام ڪوشش جي ڪا قانوني حيثيت نه آهي ۽ نه ئي اخلاقي جواز آهي، ان قدم سان ڀارت کي شرمندگي کانسواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيو، اها گڏيل قومن جي توثيق ٿيل “ون واٽر ون ويزن” جي اصول جي واضح خلاف ورزي آهي.

مزید خبریں