اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي دعوت تي 6 جولاءِ کان 9 جولاءِ 2026ع تائين اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي جمهوريه ڪرغزستان جو سرڪاري ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب، گذريل 21 سالن ۾ ڪنهن به پاڪستاني صدر جو ڪرغزستان جو پهريون دورو هوندو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ …
صدر آصف علي زرداري 6 کان 9 جولاءِ تائين ڪرغزستان جو سرڪاري ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف جي دعوت تي 6 جولاءِ کان 9 جولاءِ 2026ع تائين اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي جمهوريه ڪرغزستان جو سرڪاري ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران سومر تي جاري ڪيل بيان موجب، گذريل 21 سالن ۾ ڪنهن به پاڪستاني صدر جو ڪرغزستان جو پهريون دورو هوندو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هي دورو ڊسمبر 2025ع ۾ صدر صادر زپاروف جي پاڪستان جي ڪامياب دوري جي تسلسل ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي مسلسل فروغ جي عڪاسي ڪري ٿو. دوري دوران صدر جي صادر زپاروف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿينديُون. ٻئي اڳواڻ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺندا ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ڳالهين ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، کاڻين، زراعت، ڪپڙي جي صنعت، حلال صنعت، صحت ۽ دواسازي، ڊجيٽل معيشت، تعليم، سياحت ۽ عوام سان رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو. پنهنجي دوري دوران، صدر ڪرغز پارليامينٽ جي اسپيڪر سان پُڻ خير سگالي ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ جمهوريه ڪرغزستان جي وچ ۾ لاڳاپا گرمجوشي ۽ ڀائراڻي تعاون تي ٻڌل آهن، جِن جو بنياد گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن، علائقائي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ساڳئي عزم تي ٻڌل آهن.











