اسلام آباد - 06 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي ميمبر اظهار خان نيازي جي چاچي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي، ته رضا الاهي جو لاڏاڻو اظهار خان نيازي ۽ سندس خاندان لاءِ هڪ نهايت ڏکيو ۽ صبر جوڳو لمحو آهي. هن چيو ته مائٽ جي …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پي آر اي جي ميمبر اظهار خان نيازي جي چاچي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي ميمبر اظهار خان نيازي جي چاچي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي، ته رضا الاهي جو لاڏاڻو اظهار خان نيازي ۽ سندس خاندان لاءِ هڪ نهايت ڏکيو ۽ صبر جوڳو لمحو آهي. هن چيو ته مائٽ جي لاڏاڻي جو صدمو ناقابل تلافي نقصان هوندو آهي ۽ هو ان ڏک جي گهڙي ۾ اظهار خان نيازي ۽ سندس خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. اسپيڪر ڏکويل ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت، درجن جي بلندي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام جڏهن ته پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.











