انجنيئر امير مقام پاران سردار طارق محمود جي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

گلگت/اسلام آباد- 06 جولاءِ(اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجينيئر امير مقام پنهنجي ڪوآرڊينيٽر ۽ رابطه ڪميٽي مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي چيئرمين سردار طارق محمود جي وڏي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ انجينيئر امير مقام مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو …

گلگت/اسلام آباد- 06 جولاءِ(اي پي پي)ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجينيئر امير مقام پنهنجي ڪوآرڊينيٽر ۽ رابطه ڪميٽي مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جي چيئرمين سردار طارق محمود جي وڏي ڀيڻ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ انجينيئر امير مقام مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو سردار طارق محمود ۽ سندس ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ ڏکويل ڪٽنب کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي سگهه عطا ڪري. هن مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪئي.